ايران ۾ مهانگائي خلاف خوني مظاهرا: ڇهه ڄڻا فوت، احتجاج وڏن شهرن تائين پهچي ويو

Homeاهم خبرايران ۾ مهانگائي...

تهران/لورستان (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ مهانگائي ۽ وڌندڙ خرچن خلاف جاري احتجاج دوران سڪيورٽي فورسز ۽ مظاهرين ۾ شديد جهڙپن سبب گهٽ ۾ گهٽ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار به شامل آهي.

غير سرڪاري اداري فارس موجب، صوبه چارمحال و بختياري جي شهر لردگان ۾ ٻه شهري سڪيورٽي فورسز سان جهيڙن دوران فوت ٿي ويا. سرڪاري ميڊيا ٻڌايو ته صوبه لورستان جي شهر کوهدشت ۾ بسيج فورس جو 21 ورهين جو اهلڪار مظاهرو ڪندڙن جي پٿرائو سبب مارجي ويو.

انساني حقن جي تنظيم هينگاؤ دعويٰ ڪئي آهي ته لردگان ۾ فورسز جي فائرنگ سان ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا، جڏهن ته کوهدشت ۾ مرڻ وارو شخص مظاهرو ڪندڙ نوجوان هو. انهن دعوائن جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي.

احتجاج جو شروعات آچر تي تهران ۾ واپارين جي هڙتال سان ٿيو، جيڪو مهانگائي، معاشي جمود ۽ ڪرنسي جي قدر ۾ شديد گهٽتائي خلاف هو. بعد ۾ مظاهرا ٻين وڏن شهرن تائين پکڙجي ويا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 10 يونيورسٽين جا شاگرد به احتجاج ۾ شامل ٿي ويا.

ايراني معيشت اولهه جي پابندين سبب سخت دٻاءَ هيٺ آهي، جتي گذريل هڪ سال دوران ايراني ريال ڊالر جي مقابلي ۾ ٽئين حصو کان وڌيڪ قدر وڃائي چڪو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب ڊسمبر ۾ مهانگائي جي شرح 52 سيڪڙو تائين پهچي وئي.

ايراني صدر مسعود پزشکيان مظاهرين جي مطالبن کي جائز قرار ڏيندي حڪومت کي معاشي صورتحال بهتر ڪرڻ تي زور ڏنو، جڏهن ته اختيارين خبردار ڪيو آهي ته امن و امان خراب ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ايران جي تازن وڳوڙن ۾...

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته ايران ۾ ٿيل حاليه مظاهرن...

ايران ۾ معاشي بحران سبب...

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران ۾ معاشي بحران ۽ ريال جي تاريخي گهٽتائي سبب شروع ٿيل پرتشدد مظاهرا نائين ڏينهن به...

ايران ۾ وڌيڪ مظاهرو ڪندڙ...

واشنگٽن/تهران(ويب ڊيسڪ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جاري احتجاجن دوران وڌيڪ مظاهرين مارجي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});