تهران(ويب ڊيسڪ) ايران ۾ معاشي بحران ۽ ريال جي تاريخي گهٽتائي سبب شروع ٿيل پرتشدد مظاهرا نائين ڏينهن به جاري رهيا ۽ هاڻي 78 شهرن تائين پکڙجي ويا آهن۔
ايران جي چيف جسٽس غلام حسين محسني ايجئي مظاهرين کي سخت وارننگ ڏيندي چيو آهي ته پرامن احتجاج ڪندڙن جا جائز مطالبا ٻڌا ويندا، پر تخريبڪار عنصر ۽ انهن جا حامي ڪنهن به قسم جي نرمي جا حقدار نه هوندا۔ ميزان نيوز ايجنسي موجب، چيف جسٽس اٽارني جنرل ۽ صوبائي پراسيڪيوٽرز کي هدايت ڪئي آهي ته قانون تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي۔
هن چيو ته دشمن قوتون ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، پر اسلامي جمهوريه پرامن احتجاج ۽ شرپسندي ۾ واضح فرق ڪري ٿي۔
انساني حقن جي تنظيم جي رپورٽ موجب، مظاهرن دوران ٿيل جھڙپن ۾ 20 کان وڌيڪ مظاهرين مارجي ويا، 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا ۽ لڳ ڀڳ 1000 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو۔ شاگرد به روڊن تي نڪري آيا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ فائرنگ جو استعمال ڪيو۔
حڪومت احتجاج گهٽائڻ لاءِ هر شهري کي ايندڙ چار مهينن تائين ماهوار لڳ ڀڳ 7 ڊالر جو الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو ضروري شيون خريد ڪرڻ لاءِ ڪريڊٽ جي صورت ۾ ملندو۔
پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو ته عوام جا جائز مطالبا تسليم ڪيا ويندا، پر ٻاهرين سازشن کي سختي سان چيڀاٽيو ويندو۔

