واشنگٽن/تهران(ويب ڊيسڪ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جاري احتجاجن دوران وڌيڪ مظاهرين مارجي ويا ته آمريڪا ايران تي تمام سخت حملو ڪري سگهي ٿو.
ايران ۾ مظاهرا ٻئي هفتي ۾ داخل ٿي ويا آهن، جنهن سبب مهانگائي، اقتصادي بحران ۽ ايراني ريال جي ڪرندو پيو وڃي. ٽرمپ ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ايران مظاهرين خلاف طاقت جو استعمال جاري رکيو ته واشنگٽن سخت ردعمل ڏيندو.
اهي مظاهرا 28 ڊسمبر تي تهران ۾ دڪاندارن جي هڙتال کانپوءِ شروع ٿيا، ۽ سرڪاري انگن اکرن موجب گهٽ ۾ گهٽ 12 ماڻهو، جن ۾ سيڪيورٽي اهلڪار به شامل آهن، مارجي چڪا آهن. تجزيه نگارن موجب هي مظاهرا گذريل ڪيترن سالن جا سڀ کان وڏا مظاهرا آهن، جيڪي 2022–2023 ۾ مهسا اميني جي موت کانپوءِ شروع ٿيل تحريڪ کان به وڏا آهن.

