ايران جي تازن وڳوڙن ۾ ٽرمپ ذميوار آهي: خامنه اي

Homeاهم خبرايران جي تازن...

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته ايران ۾ ٿيل حاليه مظاهرن ۽ انهن دوران ٿيندڙ فوتگين ۽ مالي نقصان جو اصل ذميوار آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آهي. عالمي خبر ايجنسي موجب خامنه اي ٽرمپ کي سڌو سنئون ڏوهاري قرار ڏيندي الزام هنيو ته آمريڪي صدر مظاهرن جي پويان ذاتي طور تي ملوث رهيو.

خامنه اي وڌيڪ چيو ته فوتگين، مالي نقصان ۽ عوام خلاف پروپيگنڊا جو ذميوار آمريڪي صدر پاڻ آهي. هن چيو ته ايران مخالف بغاوت هن ڀيري ان ڪري مختلف هئي جو ان ۾ آمريڪي صدر ذاتي طور تي شامل هو.

ايران جي رهبر اعلى الزام لڳايو ته ٽرمپ سوشل ميڊيا ۽ بيانن ذريعي عوام کي اڪسايو، ملڪ ۾ بدامني پکيڙي ۽ تشدد کي هوا ڏني. هن چيو ته اهي احتجاج عوامي تحريڪ نه پر آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي منصوبا بند سازش هئي، جنهن جو مقصد ايران کي عدم استحڪام ڏانهن ڌڪڻ هو.

خامنه اي موجب دشمن قوتون اقتصادي مشڪلاتن کي بنياد بڻائي نظام خلاف نفرت پيدا ڪرڻ چاهين ٿيون.

انساني حقن جي تنظيمن دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۾ ڊسمبر جي آخر کان شروع ٿيل احتجاجن ۾ 2500 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. ياد رهي ته ٽرمپ ڪيترن ئي بيانن ۾ مظاهرين جي حمايت ڪئي هئي ۽ خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن گرفتار مظاهرين کي سزاءِ موت ڏني وئي ته آمريڪا فوجي ڪارروائي ڪندو. بعد ۾ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران سزائون روڪي ڇڏيون آهن، تنهن ڪري هو فوجي ڪارروائي نه ڪندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ايران ۾ معاشي بحران سبب...

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران ۾ معاشي بحران ۽ ريال جي تاريخي گهٽتائي سبب شروع ٿيل پرتشدد مظاهرا نائين ڏينهن به...

ايران ۾ وڌيڪ مظاهرو ڪندڙ...

واشنگٽن/تهران(ويب ڊيسڪ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جاري احتجاجن دوران وڌيڪ مظاهرين مارجي...

ايران ۾ مهانگائي خلاف خوني...

تهران/لورستان (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ مهانگائي ۽ وڌندڙ خرچن خلاف جاري احتجاج دوران سڪيورٽي فورسز ۽ مظاهرين ۾ شديد...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});