اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبه تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جا 80 سيڪڙو واقعا خيبرپختونخوا ۾ ٿيا، جتي دهشتگردن کي سازگار سياسي ماحول فراهم ڪيو وڃي ٿو ۽ سياسي– دهشتگردي ڳٺ جوڙ وڌي رهيو آهي۔
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري هڪ اهم پريس ڪانفرنس ۾ قومي سلامتي، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ علاقائي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني۔ هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ پوري قوم جي جنگ آهي، جنهن ۾ رياست ۽ عوام هڪجهڙائي سان گڏ آهن۔ هن وضاحت ڪئي ته بريفنگ جو مقصد گذريل سال جي انسداد دهشتگردي قدمن جو جامع جائزو پيش ڪرڻ آهي، ڇو ته دهشتگردي هن وقت پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي۔
ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته 2025 دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تاريخي سال ثابت ٿيو، جڏهن ملڪ ۾ 27 خودڪش حملا ٿيا ۽ دهشتگردي خلاف ڪاررواين ۾ بي مثال شدت ڏٺي وئي۔ هن وڌيڪ چيو ته افغانستان طرفان ٽي ٽي پي کي منظم ڪيو ويو، جنهن سبب خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌيا۔
هن چيو ته معرڪه حق ۾ ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ملي ۽ ان جي آپريشن سندور جي ناڪامي اڃا تائين ان جي چهري تان نه لهي سگهي آهي۔ هن زور ڏنو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جي قربانيون بي مثال آهن ۽ اها جنگ ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان جاري آهي۔
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رياست ۽ عوام جي هم آهنگي سڀ کان اهم آهي، ۽ اسان کي پنهنجي توجهه دهشتگردي جي خاتمي تي رکڻي پوندي، ڇو ته اهو ئي وقت جو سڀ کان وڏو چيلينج آهي۔

