عوام کي روڊن تي نڪرڻ جي اپيل ڪندڙ ايران جو اڳوڻو ولي عهد رضا پهلوي ڪير آهي؟

Homeاهم خبرعوام کي روڊن...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايران جي اڳوڻي بادشاهه جو پٽ ۽ ولي عهد رضا پهلوي ايراني عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو احتجاجي مظاهرن ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ۽ سڄي ملڪ ۾ هڙتالن کي وڌيڪ وسيع بڻائين.

عالمي خابرو ايجنسي موجب رضا پهلوي ايران ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن جي حمايت ڪندي عوام کي جدوجهد تيز ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته ايران جا روڊ ڪنهن جابر حڪومت جي نه پر عوام جي ملڪيت آهن ۽ عوامي احتجاج ئي وڏي تبديلي جي شروعات بڻجي سگهي ٿو.

رضا پهلوي اميد ظاهر ڪئي ته 14 ڏينهن کان جاري عوامي موجودگي هاڻي هڪ قومي تحريڪ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو وڃي، عوام ڊٽيل رهن ۽ روڊن تي پنهنجو ڪنٽرول قائم رکن.

هن سرڪاري ملازمن، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل ماڻهن، ٽرڪ ڊرائيورن، استادن، نرسن، تعليمي ماهرن، صنعتڪارن، ڪاروباري شخصيتن، پينشنرز ۽ معاشي مشڪلاتن جي شڪار شهرين کي اپيل ڪئي ته هو متحد ٿي هڙتالن ۽ مظاهرن جي حمايت ڪن.

رضا پهلوي ڪير آهي؟

رضا پهلوي آڪٽوبر 1960 ۾ تهران ۾ پيدا ٿيو. هو ايران جي آخري بادشاهه محمد رضا شاهه پهلوي جو اڪيلو پٽ آهي.

شاهي خاندان جو واحد مرد وارث هجڻ سبب هن جي پرورش خاص ۽ پرتعيش ماحول ۾ ٿي. هن خانگي استادن کان تعليم حاصل ڪئي ۽ ننڍپڻ کان بادشاهي جي ذميوارين لاءِ تيار ڪيو ويو.

نوجواني ۾ کيس آمريڪي رياست ٽيڪساس موڪليو ويو جتي هو جنگي جهازن جي پائلٽ جي تربيت حاصل ڪري رهيو هو، پر 1979 جي ايراني انقلاب سندس مستقبل جو رخ بدلائي ڇڏيو. انقلاب کان پوءِ شاهي حڪومت ختم ٿي ۽ امام خميني جي حڪومت قائم ٿي، جنهن کان پوءِ رضا پهلوي آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪئي.

بعد ۾ هن سياسيات ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ هڪ ايراني ڄائي آمريڪي وڪيل ياسمين پهلوي سان شادي ڪئي، جن سان هن جون ٽي ڌيئرون نور، ايمان ۽ فرح آهن.

اڄ رضا پهلوي پاڻ کي تخت جي دعويدار بدران قومي مصالحت جي علامت طور پيش ڪري ٿو. هن جو چوڻ آهي ته هو ايران کي آزاد چونڊن، قانون جي بالادستي ۽ مرد و عورت جي مساوي حقن ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهي ٿو. سندس مطابق ايران جو مستقبل بادشاهي هجي يا جمهوري نظام، ان جو فيصلو عوام کي ريفرنڊم ذريعي ڪرڻ گهرجي، نه ته ڪنهن فرد يا گروهه کي مسلط ڪيو وڃي.

پهلوي خاندان جي واپسي؟

گذريل سالن ۾ ايران ۾ پهلوي خاندان بابت بحث ٻيهر زور وٺي رهيو آهي. 2017 جي حڪومت مخالف مظاهرن دوران ڪجهه علائقن ۾ رضا پهلوي جي ڏاڏي جي حق ۾ نعرا لڳايا ويا.

ساڳي طرح 2022 ۾ پوليس حراست ۾ مهسا اميني جي موت کان پوءِ شروع ٿيل احتجاجي سلسلي رضا پهلوي کي ٻيهر عالمي ميڊيا جي توجهه جو مرڪز بڻايو.

ھن ٻاهرين ملڪ ۾ ويهي ايراني اپوزيشن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناقدين موجب هو اڃا تائين ڪو مضبوط تنظيمي ڍانچو يا مؤثر آزاد ميڊيا نيٽورڪ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، جنهن سبب سندس سياسي تحريڪ تسلسل برقرار نه رکي سگهي.

صدر ٽرمپ جي ڌمڪي

ٻئي طرف آمريڪي صدر ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن مظاهرين مان ڪنهن کي ايراني سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سان قتل ڪيو ويو ته ايران تي وڏو حملو ڪيو ويندو.

هي ڌمڪي ان پس منظر ۾ اهميت اختيار ڪري وئي آهي جو 3 جنوري تي آمريڪي فوج وينزويلا تي حملو ڪري صدر مادورو کي زال سميت گرفتار ڪري نيويارڪ آندو، جتي کين منشيات اسمگلنگ جهڙن سنگين الزامن تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. صدر مادورو انهن الزامن کي رد ڪندي چيو ته مون کي گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو آهي، مان اڃا به وينزويلا جو صدر آهيان ۽ هي سياسي مقدما آهن.

ان کان پوءِ صدر ٽرمپ چيو ته مون کي آمريڪي فوج کي دنيا جي ڪنهن به ملڪ تي حملو ڪرڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

پاسداران انقلاب پاران ايف 18...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ...

قومي سلامتي جو سيڪريٽري علي...

تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته قومي سلامتي جو سيڪريٽري علي لاريجاني پنهنجي پٽ مرتضيٰ سميت اسرائيلي...

تهران: ايراني جهاز ٻوڙڻ جي...

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا تي الزام لڳايو آهي ته آمريڪي فوج ايران جي بحريه...

ايران جو سپريم ليڊر آيت...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۽ آمريڪا جي گڏيل حملي کان پوءِ ايران طرفان به جوابي حملا جاري آهن، پر...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});