حيدرآباد (بيورو) وزيراعليٰ خيبرپختونخوا محمد سهيل آفريدي چيو آهي ته اسان جي جدوجهد ڪنهن فرد يا جماعت لاءِ نه پر جمہوريت جي مضبوطي ۽ حقيقي آزادي لاءِ آهي، جنهن لاءِ اسان پوري استقامت سان ڄمي بيٺا آهيون.
وزيراعليٰ سنڌ جي ٽن ڏينهن واري دوري جي سلسلي ۾ ٻئي ڏينهن گڏاپ ٽائون کان قافلي سان گڏ حيدرآباد روانو ٿيو، جتي رستي ۾ سياسي شخصيت زين شاهه سان ملاقات به ڪئي. هن جامشورو ۽ سپر هاءِ وي تي عوامي جلسن کي خطاب ڪيو ۽ بعد ۾ حيدرآباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل برادري جي وڏي اجتماع ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
سهيل آفريدي وڪيلن کي خطاب ڪندي چيو ته ظلم خلاف، آزاد عدليه جي بحالي ۽ حقيقي آزادي لاءِ اسان جو عزم اٽل آهي. هن چيو ته 8 فيبروري تي عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي جعلي حڪمرانن کي ملڪ تي مڙهيو ويو، جنهن سان جمهوري قدرن کي سخت نقصان پهتو، جڏهن ته خيبرپختونخوا واحد صوبو آهي جتي عوامي مينڊيٽ جي بنياد تي حڪومت قائم آهي.
وزيراعليٰ واضح ڪيو ته جدوجهد ڪنهن فرد يا جماعت جي مفاد لاءِ نه پر آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ جمہوريت جي مضبوطي لاءِ آهي. هن زور ڏنو ته آئين ۽ قانون جي تحفظ جي بنيادي ذميواري وڪيل برادري تي آهي ۽ موجوده حالتن ۾ اها ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي.
سهيل آفريدي چيو ته 27هين ترميم کان پوءِ آئين ۾ ڪيل تبديليون وڌيڪ خطرناڪ آهن، جيڪي رياستي ڍانچي جي توازن کي متاثر ڪري رهيون آهن. هن وڪيل برادري تي زور ڏنو ته هو عدالتي خودمختياري ۽ آئين جي مضبوطي لاءِ منظم تحريڪ شروع ڪن، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو هر ڪارڪن مڪمل ۽ غيرمشروط سهڪار ڪندو.
وزيراعليٰ چيو ته اسٽريٽ موومينٽ ۾ وڪيلن جو فعال ۽ فيصلائتو ڪردار لازمي آهي ته جيئن آئين شڪن قدمن خلاف مؤثر مزاحمت ٿي سگهي. هن حيدرآباد جي وڪيل برادري کي خيبرپختونخوا جي دوري جي دعوت ڏني ۽ بين الصوبائي هم آهنگي ۽ آئيني جدوجهد ۾ گڏيل تعاون تي زور ڏنو.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي پاڻي جي مسئلي تي پاڪستان تحريڪ انصاف سدائين فرنٽ فوٽ تي سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ مستقبل ۾ به صوبن جي جائز حقن جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪندي رهندي.

