پشاور(ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي چيو آهي ته ملڪ ۾ نيتن ۾ فرق آهي ۽ صرف باني چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان اڳ ملٽري آپريشن جا منظر ڏسي چڪا آهيون ۽ ٻيهر اهڙا منظر ڏسڻ نٿا چاهيون. آپريشن جو ذڪر ڪندي وزيراعليٰ روئڻهار ٿي ويو.
پشاور ۾ ڪانووڪيشن تقريب ۾ خطاب ڪندي سهيل آفريدي پنهنجي تقرير جي شروعات هڪ شعر سان ڪيو: “ميري ہاتھ مين قلم هي، ميري ذهن مين اُجالا“، ۽ چيو ته مون کي اميد آهي ته ڊگريون حاصل ڪندڙ شاگرد صوبو ۽ ملڪ جي خدمت ڪندا. هن وائيس چانسلر جي انگريزي تقرير تي اعتراض ڪندي چيو ته قومي ٻولي اردو آهي، ۽ سڀني يونيورسٽين کي هدايت آهي ته تقريرون اردو ۾ ڪيون وڃن.
وزيراعليٰ چيو ته هڪ مخصوص مائنڊ سيٽ خيبرپختونخوا جي ترقي نٿو چاهي. هن چيو ته مون کي ڏاڍو خراب لڳو جڏهن ڪالهه پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته خيبرپختونخوا کي ٻيهر دهشتگردي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. سهيل آفريدي چيو ته بند ڪمرن ۾ ڪيل فيصلا خطرناڪ هوندا آهن، ملٽري آپريشن جي تياري ٿي رهي آهي، 22 آپريشن ۽ 14 هزار ٽارگيٽيڊ آپريشن ٿي چڪا آهن. اسان نشاندهي ڪئي ته دهشتگرد اچي رهيا آهن ۽ رپورٽون ڏنيون، پر جيڪڏهن آپريشن ڪرڻو آهي ته سياسي جماعتن ۽ هتي جي مشران کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي.
هن چيو ته آپريشنن سبب اسان جا اسڪول، اسپتال ۽ گهر تباهه ٿيا، ڊرون حملا ۽ ڌماڪن ۾ ماڻهو شهيد ٿيا. عورتن کي پنندي ڏسڻ تي شرمندگي ٿيندي آهي. اسان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻيهر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پر نيت صاف هجڻ گهرجي.
وزيراعليٰ چيو ته تعليم ۽ روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو: “منهنجي اکين ۾ آنسو ڊر جي ڪري نه پر توهان جي مستقبل لاءِ آهن.” هن وڌيڪ چيو ته جيڪي چون ٿا خيبرپختونخوا کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي، انهن کي اسان ترقي ڏيکارينداسين.

