لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڇانوڻي جي علائقي ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، جتي ٽن جوابدارن ٻن سڳين ڀينرن کي رشتو ڏسڻ جي بهاني گهران وٺي ويا ۽ نشي آور شيءِ پياري زيادتي ڪئي.
پوليس موجب، متاثر نينگري جي والده جي بيان تي جوابدارن جان محمد، بلال ۽ خرم خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن زيادتي جي وڊيو به ٺاهي متاثرن کي خاموش رهڻ جي ڌمڪي ڏني.
پوليس واقعي ۾ ملوث ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

