ڀارت کي روس کان تيل خريدڻ کان روڪڻ آمريڪا جي پهرين ترجيح

Homeخبرونڀارت کي روس...

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي 50 سيڪڙو ٽيرف کان پوءِ ڀارت ۽ آمريڪا جا ٻه طرفا لاڳاپا غيريقيني واري صورتحال جو شڪار آهن.
ان وچ ۾ صدر ٽرمپ جي ويجهي ساٿي سرجيو گور کي ڀارت لاءِ سفير مقرر ڪرڻ کانپوءِ به صورتحال ۾ تبديلي نه آئي آهي.
خميس ڏينهن سرجيو گور جي مقرري جي تصديق لاءِ سينيٽ جي اجلاس ۾ هن ساڳيا آمريڪي مطالبا ورجايا جيڪي دهلي لاءِ پريشان ڪندڙ آهن.
سرجيو گور چيو ته ڀارت آمريڪا جو هڪ اهم ڀائيوار آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري واپاري ڳالهين جا نتيجا جلد سامهون ايندا، پر هن هن آمريڪا جي اِهو مطالبو پڻ ورجايو ته ڀارت کي روس کان تيل جي خريداري بند ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ڀارت کي روس کان تيل خريدڻ کان روڪڻ آمريڪا جي پهرين ترجيح آهي.
سرجيو گور موجب، صدر ٽرمپ ڀارتي واپارين کي ٽريڊ ڊيل تي ڳالهين لاءِ آمريڪا گهرايو آهي.
گور وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ آمريڪا توانائي واري شعبي ۾ ڀارت جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار بڻجي سگهي ٿو.
آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي ۾ پنهنجي مقرري جي تصديقي ٻڌڻي دوران سرجيو گور چيو ته ڀارت، آمريڪا جو اهم ڀائيوار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار بابت جاري ڳالهين جو نتيجو جلد سامهون ايندو.
سرجيو گور چيو ته جيڪڏهن سندس مقرري جي تصديق ٿئي ٿي ته هو ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي ڪم ڪندو.
سينيٽ آڏو سرجيو گور جو تعارف ڪرائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته سرجيو گور صدر ٽرمپ جو ويجهو آهي ۽ ڀارت جهڙي ملڪ ۾ نمائندگي لاءِ هو تمام ضروري آهي.
ٻئي پاسي 38 ورهين جي سرجيو گور جي مقرري جي تصديق ٿي وئي آهي، هو ڀارت ۾ سڀ کان گهٽ عمر وارو آمريڪي سفير هوندو ۽ کيس اهڙي وقت ۾ ڀارت جو سفير بڻايو پيو وڃي جڏهن ڀارت ۽ آمريڪي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

پاڪستان ڪشميرين سان گڏ آهي،...

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺو آهي ۽ ڀارت جنهن زبان ۾...

ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت گجرات جي علائقي ڪڇ ۾ پاڪستاني سرحد جي ويجهو وڏي پيماني تي هوائي مشقن جو...

ڀارت پاران معاهدو نه مڃڻ...

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدو تسليم نه ڪرڻ ۽ پاڻي...

سنڌ طاس معاهدي تي پاڪستان...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي اسپيشل رپورٽيورز ۽ خاص ماهرن هڪ جامع رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});