تهران(ويب ڊيسڪ) ايران مسلمان ملڪن کان مطالبو ڪيو آهي ته عملي قدمن ذريعي متعصب اسرائيلي حڪومت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسرائيل خلاف گڏيل آپريشن روم قائم ڪن.
ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني پنهنجي بيان ۾ چيو ته صرف تقريرون ۽ ملاقاتون اسرائيلي حڪومت کي نقصان نه پهچائينديون.
علي لاريجاني واضح ڪيو ته بغير ڪنهن عملي قدم جي مظلوم فلسطينين لاءِ آواز بلند ڪرڻ بي اثر ثابت ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته مسلمانن کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو دفاع ڪرڻ لاءِ هڪ مؤثر فيصلو ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اسرائيلي حڪومت نه رڳو فلسطيني عوام پر سڄي علائقي جي امن کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيندي.
لاريجاني مسلمان ملڪن کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل خلاف هڪ گڏيل آپريشن روم ٺاهيو وڃي، جيڪو صيهوني حڪومت جي محافظن کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو.
هن جي مطابق، هي هڪ مثبت قدم هوندو جيڪو نه رڳو فلسطيني عوام جي مدد ڪندو، پر مسلمان ملڪن کي انهن جي خودمختياري ۽ سلامتي جي حفاظت لاءِ هڪ اثرائتي حڪمت عملي پڻ فراهم ڪندو.

