اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سوشل ميڊيا تي دولت ظاهر ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، سوشل ميڊيا تي دولت ظاهر ڪندڙ لکين ماڻهن جو ڊيٽا گڏ ڪيو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾، ايف بي آر هڪ لک امير ماڻهن جو آڊٽ ڪندو.
ذرائعن جو چوڻ آهي ته شادين تي گهڻو خرچ ڪندڙ نان فائلرز خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، شادين ۾ 20,000 ڊالر جا سوٽ پائڻ وارن کي پڪڙيو ويندو، ۽ بنگلا، ڪارون ۽ زيور ظاهر ڪندڙن کي پنهنجي آمدني جا ذريعا ظاهر ڪرڻا پوندا.

