لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ سوشل ميڊيا تي اشتعال انگيز ۽ غلط معلومات پکيڙڻ جي الزام هيٺ پوليس طرفان وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، جنهن دوران صرف لاهور مان 39 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين ضلعن مان به ڪيترن کي حراست ۾ ورتو ويو.
پوليس موجب ڪارروائيون لاهور، قصور، کاموڪي، گوجرانوالا ۽ شيخوپوره ۾ ڪيون ويون، جتي فیس بڪ، واٽس ايپ ۽ ٻين پليٽفارمز تي گمراهه ڪندڙ مواد شيئر ڪندڙ ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو.
حڪام جو چوڻ آهي ته 87 وڌيڪ سوشل ميڊيا اڪائونٽس کي ٽريس ڪري سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، جيڪي مبينا طور تي عوامي انتشار ۽ غلط بيانيون پکيڙڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا هئا. ان سان گڏ 200 کان وڌيڪ ماڻهن جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي، جن تي آن لائن سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو شڪ آهي.
ذريعن موجب، مريدڪي ۾ افواهن ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات پکيڙڻ تي رياستي ادارا حرڪت ۾ آيا. سوشل ميڊيا پليٽفارمز جهڙوڪ ايڪس (ٽوئيٽر)، فيس بڪ ۽ واٽس ايپ تي مشتبہ اڪائونٽس جي نگراني جاري آهي.
حڪام خبردار ڪيو آهي ته جيڪو به سوشل ميڊيا جو استعمال انتشار، خوف يا تشدد پکيڙڻ لاءِ ڪندو، ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

