ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ميزبان ۽ انويسٽيگيٽو جرنلسٽ اقرارالحسن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ذاتي زندگي سبب سوشل ميڊيا تي بحث جو مرڪز بڻجي ويو آهي۔
اقرارالحسن ۽ سندس ٻي زال عروسہ خان جي شادي جي سالگره جي هڪ تصوير وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ اقرار جي پهرين زال قرۃالعين اقرار به موجود آهي۔ مداحن طرفان هن غيرمعمولي خانداني ترتيب تي حيرت ۽ دلچسپي سان گڏ تنقيدي تبصرا به ڪيا ويا۔
اقرارالحسن جون ٽي شاديون اڳ ئي بحث جو موضوع رهيون آهن۔ هن 2023 ۾ پنهنجي ٽين شادي جي تصديق ڪندي چيو هو ته اهو نڪاح پهرين زال قرۃالعين جي مرضي سان ٿيو هو۔ عروسھ خان جو قرۃالعين ۽ پُٽ پهلاج حسن سان سٺو تعلق آهي، جنهن جو ذڪر اقرار مختلف انٽرويوز ۾ ڪندو رهيو آهي۔
تازو عروسھ خان سالگره جي تصوير شيئر ڪئي، جنهن کي اقرارالحسن به ري پوسٽ ڪيو، ۽ اها تصوير سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي وئي۔ ڪجهه مداحن جوڙي کي مبارڪباد ڏني ۽ قرۃالعين جي موجودگي کي مثبت مثال قرار ڏنو، جڏهن ته ڪيترن ئي صارفين تنقيد به ڪئي۔
واضح رهي ته اقرارالحسن، جيڪو پروگرام سرِعام ۾ اينڪر طور نظر اچي ٿو، 2006 ۾ نيوز اينڪر قرۃالعين سان پهرين شادي ڪئي هئي، جن سان هن جو هڪ پُٽ پهلاج حسن آهي۔ 2012 ۾ هن ٻي شادي ميڊيا پرسن فرح اقرار سان ڪئي، جيڪا پنج سال تائين خفيه رهي۔ جڏهن ته ٽين شادي هن 2023 ۾ نيوز اينڪر عروسھ خان سان ڪئي۔

