اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) برطانيه، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا جي فلسطين کي هڪ آزاد رياست طور تسليم ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.
پي ٽي آءِ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطين جي تسليم ٿيل حيثيت انصاف ۽ امن جي فتح آهي.
پي ٽي آءِ عالمي برادري کان فلسطين کي تسليم ڪرڻ ۽ مظلوم فلسطيني عوام جي خود اراديت جي حق جي حمايت ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي، چيو آهي ته اسرائيل پاران جاري بمباري ۽ قتل عام هڪ کليل نسل ڪشي آهي، جنهن تي عالمي طاقتن کي فوري ۽ اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن.
پي ٽي آءِ فلسطيني عوام سان غير متزلزل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پارٽي فلسطين جي آزادي ۽ حقن جي بحالي تائين انهن سان گڏ بيٺي رهندي.

