لنڊن (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪيترائي ٻيا ملڪ پاڪستان سان دفاعي معاهدو ڪرڻ چاهين ٿا.
لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ٻاهران ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان معرڪي حق ۾ پاڻ کي دفاعي طور تي ثابت ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ وقت آهي ته معاشي طاقت بڻجي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي معاهدي ۾ ٻنهي ملڪن جو فائدو آهي. ڪنهن به ملڪ کي هن معاهدي تي تحفظات نه آهن. بلڪه ڪيترائي ٻيا ملڪ به پاڪستان سان اهڙا معاهدا ڪرڻ چاهين ٿا.
هڪ سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان جي مقدمن سان اسان جو ڪو واسطو ناهي.
ياد رهي ته 17 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ رياض ۾ باهمي دفاعي معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت ڪنهن به هڪ ملڪ خلاف جارحيت کي ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت تصور ڪيو ويندو.
ٻئي طرف پاسداران انقلاب چيو آهي ته ايران کي به پاڪستان-سعودي عرب معاهدي ۾ شامل ٿي وڃڻ گهرجي.

