مظفر آباد: آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي گذريل ٽن ڏينهن کان جاري پرتشدد مظاهرن دوران 3 پوليس اهلڪار ۽ 6 شهري حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته 172 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن، جن مان 12 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
حڪومتي بيان موجب مظاهرن دوران 50 کان وڌيڪ عام شهري به زخمي ٿيا. حڪومت عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ڦهليل غلط معلومات کان بچو ۽ صرف تصديق ٿيل خبرن تي ڀروسو ڪيو.
اڄ ڊهيڙي واري علائقي ۾ هٿياربند مظاهرين پاران پوليس تي بي سبب فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ باغ سان تعلق رکندڙ ڪنسٽيبل خورشيد ۽ جميل، ۽ مظفر آباد سان تعلق رکندڙ ڪانسٽيبل طاهر رفيع شهيد ٿيا، جڏهن ته 9 اهلڪار زخمي ٿيا.
شھيد اهلڪارن جي وارثن قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن موجب مظاهرين خلاف سخت ڪارروائي جاري آهي.
احتجاج دوران زخمي ٿيل 29 اهلڪارن کي اسلام آباد جي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن ۾ 20 اسلام آباد پوليس ۽ 9 ڪشمير پوليس جا جوان شامل آهن.

