مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي جو عمل فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جتي نئين وزيراعظم جي چونڊ بابت اڄ حتمي اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري اڄ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم لاءِ اميدوار جو اعلان ڪندو. چوڌري لطيف اڪبر ۽ چوڌري ياسين مضبوط اميدوار طور سامهون آيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده وزيراعظم انوار الحق جي استعيفيٰ نه ڏيڻ جي صورت ۾ تحريڪِ عدم اعتماد پيش ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ مسلم ليگ (ن) پيپلز پارٽي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) حڪومت جو حصو نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
آزاد ڪشمير اسيمبلي جي ڪل ميمبرن جو انگ 53 آهي، پر هڪ رڪن محمد اقبال جي استعيفيٰ کانپوءِ انگ 52 رهجي ويو آهي. حڪومت ٺاهڻ لاءِ 27 ميمبرن جي حمايت ضروري آهي.
پيپلز پارٽي وٽ 17 ميمبرن جي پنهنجي طاقت آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) وٽ 9 ميمبر آهن. بيرسٽر سلطان گروپ ۽ فارورڊ بلاڪ جي 10 ميمبرن پيپلز پارٽي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان پيپلز پارٽي جي نمبر گيم 36 تائين پهچي وئي آهي.
بي اعتمادي جي رٿ لاءِ گهربل 27 ميمبرن جي مقابلي ۾ پيپلز پارٽي کي 36 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. وزيراعظم انوار الحق جي گروپ وٽ 10 ميمبر آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير وٽ 4 ميمبر، مسلم ڪانفرنس ۽ جي ڪي پي پي وٽ هڪ هڪ سيٽ موجود آهي.
واضح رهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي جي رٿ ناڪام ٿي وڃي ته ان کي اڳين 6 مهينن تائين ٻيهر پيش نه ٿو ڪري سگهجي.

