آزاد ڪشمير ۾ احتجاج، حڪومت ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ باضابطه ڳالھيون شروع

Homeاهم خبرآزاد ڪشمير ۾...

اسلام آباد (نمائندو خصوصي) آزاد ڪشمير ۾ جاري عوامي احتجاج جي پسمنظر ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي اعليٰ سطحي حڪومتي ڪميٽي مظفرآباد پهچي وئي، جتي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي نمائندن سان باضابطه ڳالهه ٻولهه جو آغاز ڪيو ويو.

حڪومتي وفد ۾ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، امير مقام، احسن اقبال، سردار يوسف، راجا پرويز اشرف، قمر زمان ڪائره ۽ سردار مسعود شامل آهن. وفد جو مقصد احتجاجي مسئلن جو ترت ۽ پائيدار حل ڳولڻ آهي.

وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد مظفرآباد ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان باضابطه ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف مظاهرين سان نرمي ۽ بردباريءَ سان پيش اچڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم طرفان عوامي جذبات جو احترام يقيني بڻائڻ، غير ضروري سختي کان پاسو ڪرڻ، ۽ متاثر خاندانن تائين ترت امداد پهچائڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي وئي آهي. هن ناخوشگوار واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

وفاقي وزير احسن اقبال مظفرآباد روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت احتجاجي مسئلن کي قانوني ۽ پرامن طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڳالهه ٻولهه ذريعي سڀ مسئلا مثبت ماحول ۾ حل ٿي سگهن ٿا.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته ڪشمير جي صورتحال تي سڀ دکدارد آهن، ۽ مسئلن جو حل صرف ڳالهه ٻولهه ۽ سياسي عمل ذريعي ممڪن آهي. هن زور ڏنو ته آزاد ڪشمير جا ماڻهو اسان جا پنهنجا آهن، ۽ جلد معاملا معمول تي آڻڻ جي ڪوشش جاري آهي.

وزيراعظم آزاد ڪشمير چودھري انوار الحق چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ڪميٽي ٺاهڻ تي شڪرگذار آهي، ۽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جا گهڻا مطالبا تسليم ڪيا ويا آهن. معطل ڳالهه ٻولهه جلد ٻيهر شروع ٿيندي.

وزيراعظم شهباز شريف اڳ ئي آزاد ڪشمير جي عوام لاءِ 23 ارب رپين جو خاص ريليف پيڪيج ڏنو آهي. هاڻي نئين مطالبن جي روشنيءَ ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جي سفارشون ترت وزيراعظم آفيس موڪلي وينديون، جن تي ترت عمل ڪيو ويندو.

حڪومت جو موقف آهي ته جهموري، سياسي ۽ عوام دوست رويو اختيار ڪيو ويو آهي، ۽ مظاهرين کي به قانوني حدن ۾ رهندي احتجاج ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي صبر ۽ تحمل جي هدايت پڻ ڏني آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

آزاد ڪشمير ۾ سياسي تبديلي:...

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ تحريڪ عدم اعتماد ڪامياب ٿي وئي، جنهن بعد پيپلز...

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم انوار...

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف اڄ بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي، جيڪا...

آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي...

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي جو عمل فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جتي نئين...

آزاد ڪشمير ۾ امن لاءِ...

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ وفاقي وزيرن ۽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور ڪاميابيءَ...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});