قطر تي حملو، آمريڪا تي حملو سمجهيو ويندو: صدر ٽرمپ جو نئون حڪم نامو جاري

Homeاهم خبرقطر تي حملو،...

واشنگٽن / دوحه: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ نئون ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪندي اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن قطر تي ٻيهر ڪنهن به ملڪ طرفان حملو ڪيو ويو ته ان کي آمريڪا تي حملو تصور ڪيو ويندو، ۽ آمريڪا نه صرف قطر جو دفاع ڪندو پر جوابي فوجي ڪارروائي به ڪندو.

9 سيپٽمبر تي قطر جي سرزمين تي اسرائيل پاران فضائي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ حماس جي قيادت کي نشانو بڻايو ويو. ان حملي ۾ 6 ڄڻا شهيد ٿيا، جن ۾ هڪ قطري گارڊ، حماس اڳواڻ الخليل الحيا جو پٽ، سندس آفيس جو انچارج ۽ ٽي حماس جا محافظ شامل هئا.

عالمي خبرن موجب، قطر ان حملي کي پنهنجي خودمختياري ۽ قومي سلامتي جي خلاف قرار ڏيندي غزه امن ڳالهين ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان صورتحال تي صدر ٽرمپ پنهنجي پرڏيهي وزير کي قطر ۽ اسرائيل جي دوري تي موڪليو، جنهن کانپوءِ قطر ثالثي لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي.

ان کانپوءِ جڏهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪي دوري تي پهتو، ته صدر ٽرمپ سندس قطري هم منصب سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي. ان ڳالهه ٻولهه دوران نيتن ياهو قطري گارڊ جي موت تي افسوس جو اظهار ڪندي معذرت ڪئي ۽ اهڙي واقعي جي ورجاءُ نه ٿيڻ جي خاطري ڏني.

صدر ٽرمپ اميرِ قطر کي به قومي سلامتي بابت خاطريون ڏنيون ۽ نئون حڪم نامو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته آمريڪا ۽ قطر جي وچ ۾ ويجهو تعاون، گڏيل مفاد ۽ فوجي لاڳاپا موجود آهن. قطر هڪ پُرعزم اتحادي آهي، جيڪو امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ آمريڪا سان گڏ بيٺو آهي.

وائيٽ هائوس طرفان جاري بيان ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته هاڻ قطر تي ٿيندڙ ڪنهن به حملي کي آمريڪا تي حملو سمجهيو ويندو.

اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته دوحه تي حملو حماس اڳواڻ الخليل الحيا کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو، جنهن مبينا طور تي 7 آڪٽوبر 2023 تي اسرائيل تي حملو ڪرڻ جي منصوبي بندي ڪئي هئي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

جيڪڏهن چاهيان ته پاڪ-افغان تڪرار...

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عالمي تڪرارن جي حل بابت هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو اعتماد ظاهر ڪندي...

صدر ٽرمپ پاران چين تي...

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران چين جي درآمدات تي 100 سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو...

غزہ ۾ جنگ بندي جو...

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ غزہ جنگ بندي...

حماس پاران صدر ٽرمپ جي...

غزه (ويب ڊيسڪ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 20 نڪاتي امن منصوبي تي خدشن جو...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});