واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران چين جي درآمدات تي 100 سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ عالمي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ شديد مندي ڏسڻ ۾ آئي ۽ سرمايه ڪارن ۾ بيچيني وڌي وئي.
صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽروتھ سوشل تي اعلان ڪندي چيو ته نومبر کان چين مان ايندڙ سڀني درآمدات تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد آمريڪي صنعتن کي غير منصفانه مقابلي کان بچائڻ آهي.
واضح رهي ته آمريڪا اڳ ۾ ئي چين جي ڪيترين ئي شين تي 30٪ ٽيرف لاڳو ڪري چڪو آهي، پر هاڻي ان شرح ۾ 100٪ اضافو عالمي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ ڪشيدگي جو شڪار ڪري سگهي ٿو.
صدر ٽرمپ جي اعلان کانپوءِ:
- Dow Jones، Nasdaq ۽ S&P 500 سميت عالمي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي
- سرمايه ڪارن ۾ بيچيني وڌي وئي
- عالمي واپاري ماحول ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ٿي وئي
ماهرن جو چوڻ آهي ته هي قدم نه صرف چين، پر پوري دنيا جي سپلاءِ چين تي اثرانداز ٿيندو، خاص طور تي نادر ڌاتن، اليڪٽرانڪس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾، جتي چين اهم فراهم ڪندڙ ملڪ آهي.

