اسلام آباد: خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ جي تبديليءَ کانپوءِ هاڻ پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي مرڪزي قيادت ۾ به اهم تبديليءَ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر کي عهدي تان هٽائڻ جي ڳالهه هلي رهي آهي، جڏهن ته سندن جاءِ تي جنيد اڪبر کي نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.
ان سان گڏ، پارٽي جي سيڪريٽري انفارميشن شيخ وقاص اڪرم کي به عهدي تان هٽائڻ جي امڪانن جو اظهار ڪيو ويو آهي، جن جي جاءِ تي رؤف حسن کي سيڪريٽري اطلاعات مقرر ڪرڻ جي امڪان آهي.
پارٽي جي اندر ٿيندڙ انهن امڪاني تبديليءَ کي ايندڙ سياسي حڪمتِ عمليءَ سان ڳنڍي ڏٺو پيو وڃي.

