اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي وچ ۾ قرض پروگرام جي جائزي تي اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو، جنهن تحت پاڪستان کي 1.2 ارب ڊالر جي قسط ملي سگهي ٿي. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جي منظوري کانپوءِ رقم جاري ڪئي ويندي.
آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل اعلاميي موجب، پاڪستان کي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فسيلٽي تحت تقريباً هڪ ارب ڊالر ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فسيلٽي تحت 20 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪيا ويندا.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سماجي شعبي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي، خاص طور تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فنڊن ۾ واڌ ڪري غربت گهٽائڻ لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن.
آءِ ايم ايف جي بيان موجب، تعليم، صحت ۽ معاشي سڌارن جي شعبي ۾ وفاق ۽ صوبن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو آهي، ۽ چيو ويو آهي ته مالي خسارو گذريل 14 سالن جي ڀيٽ ۾ بهترين سطح تي آهي.
عالمي مالياتي اداري موجب، پاڪستان ٽيڪس سڌارن تي عملدرآمد ۽ پاليسي سطح تي قدم تيزي سان کنيا آهن. وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ آمدني ۾ واڌ لاءِ سهڪار تي زور ڏنو ويو آهي.
پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان افراطِ زر کي 5 کان 7 سيڪڙو جي حد ۾ رکڻ ۽ زرمبادله جي ذخيري کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ سخت مالي پاليسي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي.
توانائي شعبي بابت آءِ ايم ايف واضح ڪيو ته پاڪستان کي سرڪلر ڊيٽ گهٽائڻ، بجلي جي نقصانن کي گهٽائڻ ۽ تقسيم ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جا هدف حاصل ڪرڻا پوندا.
زرعي شعبي ۾ حڪومتي مداخلت گهٽائڻ، پيداوار وڌائڻ ۽ عالمي واپار جي واڌاري لاءِ نئين ٽيرف پاليسي اختيار ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ماحولي تبديليءَ سان نمٽڻ لاءِ قدم تيز ڪرڻ، آبي وسيلن جي بهتر استعمال ۽ توانائي سڌارن جي تسلسل تي زور ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف مشن پاڪستان ۾ آيل تباهه ڪن ٻوڏ تي گهرائي ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪندي حڪومت پاڪستان جي مهمان نوازي تي شڪريو ادا ڪيو.

