اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پاڪستان کي مالي سال 2025-26 دوران هڪ ارب ڊالر جي آئل فيسليٽي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته 5 ارب ڊالر جي ڊيپازٽس پڻ رول اوور ڪيا ويندا.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب، هي آئل سهولت لڳ ڀڳ 290 ارب رپين جي برابر ٿيندي، جڏهن ته سعودي عرب هر مهيني 10 ڪروڙ ڊالر جي آئل سپورٽ مهيا ڪري رهيو آهي، جيڪا پاڪستاني ڪرنسي ۾ 28.37 ارب رپيا ماهوار آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته سعودي عرب طرفان پهرين ٽن مهينن دوران 85 ارب رپين کان وڌيڪ آئل سهولت ڏني وئي، جيڪا 30 ڪروڙ ڊالر جي برابر آهي.
سعودي عرب پاڪستان کي 5 ارب ڊالر جا ٽائيم ڊيپازٽس 4 سيڪڙو سود تي ڏنا آهن، جن مان 2 ارب ڊالر ڊسمبر ۽ 3 ارب ڊالر جون 2026 ۾ ادا ٿيڻا آهن. سعودي عرب هر سال انهن فنڊز کي رول اوور ڪندو آهي.
قرض جي مد ۾ سعودي ڊيپازٽس جو مجموعي قدر 1450 ارب رپين جي برابر آهي، جيڪو پاڪستان کي بجيٽ سپورٽ طور ڏنو ويو آهي.

