اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزيرِ دفاع خواجه محمد آصف چيو آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته پاڪستان طالبان رجيم کي تورا بورا جهڙن ماڳن تي شڪست ڏئي دنيا لاءِ مثال بڻجي سگهي ٿو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي ڪنهن به دهشتگردي يا خودڪش حملي کي برداشت نه ڪندو ۽ هر قسم جي جارحيت جو سخت جواب ڏيندو.
خواجه آصف استنبول ۾ افغان طالبان سان ٿيل بي نتيجا ڳالهين تي ردعمل ڏيندي چيو ته افغان طالبان مسلسل برادر ملڪن سان ڳالهين جي درخواست ڪري رهيا هئا، ۽ انهن ئي ملڪن جي درخواست تي پاڪستان امن جي خاطر ڳالهين لاءِ تيار ٿيو. پر افسوس سان چوڻ ٿو پوي ته طالبان رجيم اندر انتشار ۽ دوکي جي فضا وڌي رهي آهي، جنهن جو ثبوت ڪجهه افغان حڪام جا زهر ڀريا بيان آهن.
وزيرِ دفاع چيو ته پاڪستان کي طالبان رجيم کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڪمل طاقت استعمال ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پر جيڪڏهن حالتون خراب ٿيون ته پاڪستان انهن کي غارن ۾ لڪڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو. هن خبردار ڪيو ته طالبان جي جنگي معيشيت ۽ قابض حڪمراني افغانستان کي ٻيهر تڪرار طرف ڌڪڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا افسوسناڪ آهي.
خواجه آصف چيو ته طالبان حڪام پنهنجي ڪمزوري ۽ جنگي دعوائن جي حقيقت کي ڄاڻيندي افغان عوام ۾ پنهنجي بگڙندڙ ساک بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن طالبان وري به ضد تي قائم رهيا ته پوءِ نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهن. هن چيو ته “graveyard of empires” واري بيانئي جي حوالي سان پاڪستان پاڻ کي سلطنت نه ٿو سمجهي، پر طالبان جي ڪري افغانستان پنهنجي ئي عوام لاءِ قبرستان بڻجي ويو آهي.
وزيرِ دفاع وڌيڪ چيو ته تاريخي طور تي افغانستان سلطنتن جو قبرستان نه رهيو آهي، پر هميشه وڏين طاقتن جي راند جو ميدان ضرور رهيو آهي. طالبان جا اهي جنگجو، جيڪي خطي ۾ بدامني مان ذاتي فائدو وٺڻ چاهين ٿا، انهن کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان جي عزم ۽ حوصلي کي غلط نه سمجهن.
آخر ۾ خواجه آصف خبردار ڪيو ته جيڪڏهن طالبان رجيم جنگ جي ڪوشش ڪئي ته دنيا ڏسندي ته انهن جون ڌمڪيون رڳو ڏيکاءُ هيون. پاڪستان جي عزم ۽ صلاحيتن کي آزمانو طالبان لاءِ انتهائي مهانگو ثابت ٿيندو.

