پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته پاڪ-افغان ڳالهين کي اسيمبلي فلور تي خوش آئند قرار ڏنو ويو هو، پر صوبو اسٽيڪ هولڊر هجڻ باوجود اعتماد ۾ نه ورتو ويو. سينيٽ چونڊ لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان کي پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ڪو به ملڪ ڪنهن جو سڳو ناهي، سڀ پنهنجا مفاد ڏسندا آهن.
سهيل آفريدي چيو ته هن وقت ملڪ کي اهڙي اسٽيٽمين جي ضرورت آهي، جيڪو قومي مفادن جو تحفظ ڪري. هن زور ڏنو ته خيبرپختونخوا سان لاڳاپيل فيصلا بند ڪمري ۾ نه ٿيڻ گهرجن، ڇو ته اهڙن فيصلن تي نه عوام اعتماد ڪري ٿي ۽ نه ئي صوبائي حڪومت. هن چيو ته بند ڪمري جا فيصلا امن قائم نٿا ڪري سگهن.
وزيراعليٰ چيو ته خيبرپختونخوا کي تجرباتي ميدان بڻايو ويو آهي، جتي 22 آپريشن ۽ 14 هزار انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ٿيڻ باوجود دهشتگردي ختم نه ٿي سگهي. ڪوليٽرل ڊيميج جا ذميوار جوابده هجڻ گهرجن ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. هن واضح ڪيو ته صوبي ۾ بنيادي انساني حقن جي پامالي قبول نه ڪئي ويندي.
سهيل آفريدي ٻڌايو ته هو اڄ باني سان ملاقات لاءِ روانو ٿي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ ڪابينا جو اعلاميو جاري ڪيو ويندو. هن دعويٰ ڪئي ته سڀئي ايم پي ايز چٽان وانگر ساڻس گڏ بيٺل آهن.
وڏو وزير جو چوڻ هو ته صوبي جي عوام باني پي ٽي آءِ تي اعتماد رکي ٿي، ۽ سٺي حڪمراني جي بنياد تي ٽئين ڀيرو حڪومت ۾ آيا آهيون. جيئن اڳ عوام کي سهولتون ڏنيون، تيئن هاڻ به ڏينداسين.
ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ وڏي وزير سهيل آفريدي باني چيئرمين سان ملاقات لاءِ راولپنڊي روانو ٿي ويو، جتي سندس ساڻس گڏ اسيمبلي جا ميمبر پڻ موجود هئا.

