لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر وائيس چيئرمين شاه محمود قريشي سان پارٽي جي اڳوڻي اڳواڻن جي ملاقات دوران عمران خان جي آزادي لاءِ نئين تحريڪ هلائڻ، سياسي گرمي گهٽائڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ سان رابطا ڪرڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا۔
ذريعن موجب، اڳوڻي قيادت “ريليز عمران خان” تحريڪ هلائڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ فواد چوڌري، عمران اسماعيل، علي زيدي، محمود مولوي، سبطين خان ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هوندا۔ اڳوڻي اڳواڻن شاه محمود قريشي کي سياسي ماحول نرم ڪرڻ لاءِ مذاڪرات جي رستي تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔
ملاقات دوران موجوده قيادت جي ڪارڪردگي تي خدشا ظاهر ڪيا ويا، جتي اڳوڻي قيادت جو مؤقف هو ته موجوده قيادت عمران خان کي آزاد نه ڪرائي سگهي۔ اڳوڻي اڳواڻن اعجاز چوڌري، محمود الرشيد ۽ عمر سرفراز چيمه سان به ملاقاتون ڪيون، جتي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔
تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻن حڪومتي وزيرن سان ملاقات جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته فواد چوڌري جي سربراهي ۾ ٽن رڪني وفد جلد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندو۔ ملاقاتن جو مقصد سياسي قيدين جي آزادي ۽ ملڪ ۾ سياسي گرمي گهٽائڻ آهي۔
فواد چوڌري موجب، حڪومت کي هڪ قدم اڳتي وڌڻ جي دعوت ڏني وئي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ کي به هڪ قدم پوئتي هٽڻ جي صلاح ڏني وئي آهي ته جيئن ملڪ اڳتي وڌي سگهي۔

