اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان 27هين آئيني ترميم جو مسودو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ آئين جي پنجن اهم آرٽيڪلن ۾ تبديليون تجويز ڪيون ويون آهن.
ذريعن موجب، ترميمي مسودي ۾ آرٽيڪل 160 (شق 3A)، 213، 243، 191A ۽ آرٽيڪل 200 ۾ تبديليون شامل آهن. اهم تجويزون هيٺين ريت آهن:
- صوبن جي مالي حصي جي آئيني ضمانت ختم ڪرڻ (160 شق 3A)
- عدالتي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ سپريم آئيني عدالت جو قيام (191A)
- آئيني تشريح جي حتمي اختيار ۾ تبديلي
- هاءِ ڪورٽ جي ججن جي منتقلي بابت ترميمون (آرٽيڪل 200)
- تعليم ۽ آبادي جي منصوبابندي وفاق جي ماتحت آڻڻ جي تجويز
- مسلح فوجن جي مڪمل ڪمان وفاق جي حوالي ڪرڻ (آرٽيڪل 243)
- چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جي طريقيڪار ۾ تبديلي(آرٽيڪل 213)
وفاقي حڪومت هي مسودو پيپلزپارٽي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کان ترميم جي منظوري لاءِ حمايت طلب ڪئي وئي آهي.

