ستاويھين آئيني ترميم سينيٽ مان منظور – اپوزيشن جو احتجاج، نئون عدالتي نظام متعارف

HomeFeatured Newsستاويھين آئيني ترميم...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  سينيٽ ۾ 27هين آئيني ترميمي بل جي شق وار منظوري جو عمل مڪمل ٿي ويو، جتي حڪومت کي ٻن ٽهائي اڪثريت حاصل ٿي وئي ۽ اپوزيشن جي سخت احتجاج باوجود ترميمون منظور ڪيون ويون.

وزير قانون اعظم نذير تارڙ طرفان پيش ڪيل ترميمي بل تي ووٽنگ دوران 64 ووٽ حق ۾ ۽ صرف 2 مخالفت ۾ آيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اڪثر ميمبرن احتجاج ڪندي اجلاس مان واپسي اختيار ڪئي. سينيٽر سيـف الله ابڙو، فيصل ابڙو ۽ نسيمه احسان ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته سينيٽر فلڪ ناز ۽ فوزيه ارشد “چور چور” جا نعرا لڳائيندي نظر آيا.

ترميمن تحت آئيني عدالت جو قيام، سپريم ڪورٽ جي سوموٽو اختيارن جي منتقلي، ۽ عدالتي نظام ۾ بنيادي تبديليون شامل آهن. آرٽيڪل 42، 59، 63A، 68، 78، 81، 93، 100، 114، 130، 165A، 175، 175A، 175D، ۽ 184 سميت 49 شقن ۾ تبديليون آنديون ويون.

ترميمن موجب:

  • وفاقي آئيني عدالت جا فيصلا سپريم ڪورٽ سميت سڀني عدالتن تي لاڳو ٿيندا، پر سپريم ڪورٽ جا فيصلا آئيني عدالت تي لاڳو نه ٿيندا۔
  • آئيني عدالت ۾ جج جي مقرري لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 سال جو تجربو لازمي قرار ڏنو ويو۔
  • صدر ۽ گورنرن کي فوجداري مقدمن کان استثنيٰ حاصل هوندي، پر پبلڪ آفيس هولڊر بڻجڻ بعد استثنيٰ ختم ٿي ويندو۔
  • وزيراعظم کي 7 مشير مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو۔
  • جج جي تبادلي جو اختيار هاڻ جوڊيشل ڪميشن وٽ هوندو، ۽ اعتراض جي صورت ۾ ريفرنس داخل ڪري سگهجي ٿو۔

فاروق ايچ نائڪ جي سربراهي ۾ پارلياماني ڪميٽي طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته ترميمن سان عدالتي نظام ۾ شفافيت، نمائندگي ۽ ڪارڪردگي بهتر ٿيندي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچز جي جاءِ تي نئين وفاقي آئيني عدالت جو تصور متعارف ڪرايو ويو آهي.

سينيٽ جي اجلاس دوران سياسي بيانن، تنقيدن ۽ تاريخي حوالن سان ماحول گرم رهيو، جتي مختلف پارٽين جي نمائندن پنهنجا موقف پيش ڪيا. ترميمن جي منظوري سان پاڪستان جي آئيني ڍانچي ۾ هڪ نئون باب کوليو ويو آهي، جيڪو مستقبل جي عدالتي ۽ سياسي منظرنامي تي گهرو اثر ڇڏيندو.

ستاويهين آئيني ترميم تي سياسي اڳواڻن جا تڪراري بيان – پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهيون

27هين آئيني ترميم جي منظوري کان اڳ ۽ بعد سياسي اڳواڻن پاران پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڪيل ڳالهيون سياسي گرميءَ کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو. مختلف پارٽين جي نمائندن ترميم بابت پنهنجا موقف، تحفظات ۽ حمايتون ظاهر ڪيون.

– پيپلز پارٽي جي سينيٽر شهادت اعوان: چيو ته آئيني عدالت وقت جي ضرورت آهي، جڏهن ته ملٽري ڪمانڊ تي ڊگهي مشاورت ٿي.

– ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار: صحافين جي سوال تي جواب ڏيندي چيو ته “نمبر پورا آهن، انشاءالله”، نیشنل پارٽي جي حمايت بابت چيو ته ووٽنگ وقت خبر پوندي.

– سينيٽر دنيش ڪمار ناشتي جي مينيو ٻڌائيندي چيو ته “جنهن جو نمڪ کاڌو وڃي، ان سان وفاداري ڪئي وڃي.”

– وزير قانون اعظم نذير تارڙ: دعويٰ ڪئي ته سينيٽ ۾ نمبر مڪمل آهن، ووٽنگ جلد شروع ٿيندي.

– جي يو آئي جي سينيٽر کامران مرتضيٰ: ترميم جي مخالفت ڪندي چيو ته حڪومت تي اعتبار ناهي، ۽ 26هين ترميم کي رول بيڪ ڪيو ويو.

– سينيٽر علي ظفر: چيو ته ترميم جي مخالفت جاري رهندي، بلاول ڀٽو جي ٽوئيٽ کانپوءِ احتجاج تيز ڪيو ويو.

– سينيٽر فيصل واوڊا: ترميم جي منظوري کي وزيراعظم جي ڪاميابي قرار ڏنو ۽ چيو ته “اٺاويهون ترميم جي تياري ڪريو.”

– ايمل ولي خان: ترميم جي حمايت ڪندي چيو ته “وزيراعظم احتساب لاءِ پيش ٿيندو آهي، دفاع ۽ عدالتون مضبوط ٿينديون.”

– خواجه آصف: چيو ته ترميم عوام جي حق ۾ آهي، تجويزون آيون ته غور ڪيو ويندو.

– رانا ثناء الله: ترميم کي قومي هيروز جي عزت سان جوڙيندي چيو ته “آرٽيڪل 248 ۾ تبديلي ضروري هئي.”

– پولين بلوچ: واضح ڪيو ته نیشنل پارٽي ترميم بابت اڃا فيصلو ناهي ڪيو، عبد المالڪ بلوچ سان ملاقات ٿي.

– سيد نويد قمر: ٻڌايو ته ترميم جو مسودو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ پرنٽنگ لاءِ موڪليو ويو آهي.

گذريل ڏينهن گڏيل پارلياماني ڪميٽي ترميم جي شق وار منظوري ڏني، جنهن جي صدارت فاروق ايچ نائڪ ڪئي. ترميم بابت سياسي ڌرين جا بيان پارليامينٽ جي ماحول کي وڌيڪ تڪراري بڻائي رهيا آهن، جتي حمايت ۽ مخالفت جي وچ ۾ سخت سياسي ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ستاويھين آئيني ترميم کان پوءِ...

اسلام آباد: پاڪستان جي فوجي ڍانچي ۾ اهم تبديلي اچي وئي آهي، 27هين آئيني ترميم تحت چيئرمين جوائنٽ چيفس...

ستاويھين آئيني ترميم بعد نئين...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) 27هين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ سپريم جوڊيشل ڪونسل، جوڊيشل ڪميشن ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي...

ستاويھين آئيني ترميم جي منظوري...

اسلام آباد (نمائندو خاص) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ نمبرز جو ڪو...

ستاويھين آئيني ترميم جي مسودي...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان 27هين آئيني ترميم جو مسودو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ آئين جي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});