اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي سيڪريٽري اطلاعات احمد جواد کي اسلام آباد جي علائقي جي 13 مان نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي پاران گرفتار ڪيو ويو.
احمد جواد کي پيڪا قانون تحت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته عدالت طرفان ضمانت وقت کان اڳ گرفتاري جي درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ گرفتاري عمل ۾ آئي.
ان کان اڳ احمد جواد خلاف پاڪ-ڀارت جنگ دوران متنازع ٽوئيٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوکه ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ايف آءِ آر جي متن موجب، جنگ دوران اهڙيون پوسٽون شيئر ڪيون ويون جيڪي رياست مخالف ۽ بي بنياد هيون، جن سان ادارن ۽ شخصيتن جي تذليل جو مقصد ظاهر ٿيو.
وڪيل صفائي جو موقف هو ته احمد جواد کي انڪوائري لاءِ هڪ ڀيرو به نه سڏايو ويو، ۽ جنگ بند ٿيڻ جي خبر ڏيڻ کي خوف ۽ هراس پکيڙڻ نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته ٽوئيٽس ۾ ڪنهن شخص جو نالو نه هو، ته پوءِ هتڪ عزت ڪيئن ٿي سگهي ٿي.
وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته شڪايت ڪندڙ انيس الرحمان جي حيثيت واضح ناهي، ۽ هڪ عام شهري پوري رياست جي نمائندگي ڪيئن ڪري سگهي ٿو. هن گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏنو.
پراسيڪيوٽر جو موقف هو ته پيڪا ايڪٽ تحت درخواست ڏيندڙ ڪو به ٿي سگهي ٿو، ۽ ڪجهه جملن جي مخصوص استعمال جي نشاندهي ڪئي.
فريقين جي دليلن کانپوءِ، جج افضل مجوڪه احمد جواد جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

