راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي سرزمين جو تحفظ، قومي سالميت ۽ هر شهري جي حفاظت پاڪ فوج جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو نه ڪيو ويندو.
آءِ ايس پي آر جي بيان موجب، نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ–27 جي نمائندن اڄ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جو دورو ڪيو، جتي کين ملڪ ۽ علائقي جي سيڪيورٽي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو هي اهم پروگرام اين ايس ڊبليو-27، پارليامينٽ جي ميمبرن، سينيئر سول ۽ عسڪري آفيسرن، علمي ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪري ٿو ته جيئن قومي سلامتي بابت جامع ڄاڻ مهيا ڪري سگهجي.
آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي اصل قوت قومي اتحاد آهي، ۽ گڏيل عزم سان ئي دشمنن جا مذموم منصوبا ناڪام بڻايا ويندا. هن خطي جي بدلجندڙ سيڪيورٽي ماحول، وڌندڙ جيو-پوليٽيڪل مقابلي، سرحد پار دهشتگردي ۽ هائبرڊ جنگ کي وڏا چيلينج قرار ڏنو.
فيلڊ مارشل جو چوڻ هو ته بيروني سهڪار سان ٿيندڙ دهشتگردي ۽ معلوماتي جنگ جي باوجود، پاڪستان جون هٿياربند فوجون، انٽيليجنس ادارا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ غير متزلزل عزم، پيشيوراڻي مهارت ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ باوقار ملڪ آهي ۽ عالمي برادري ۾ ان کي پنهنجو جائز مقام ضرور حاصل ٿيندو. “معرڪاءِ حق” دوران پاڪ فوج جي پيشه ورانه صلاحيت ۽ عزم پاڪستان جي عالمي وقار ۾ اضافو ڪيو آهي.
نمائندن کي کي ملڪ ۾ جاري غير قانوني سرگرمين خلاف قدمن بابت به آگاهه ڪيو ويو، جن ۾ اسمگلنگ، منشيات جي ترسيل ۽ منظم ڏوهن جي نيٽ ورڪن خلاف ڪريڪ ڊائون شامل آهي. سرحدي انتظام بهتر ڪرڻ ۽ غير قانوني غير ملڪي ماڻهن جي واپسي بابت به تازي اڳڀرائي شيئر ڪئي وئي.
فيلڊ مارشل عاصم منير زور ڏنو ته پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏيل قومي ڪوششون انتهائي ضروري آهن، ۽ پاڪ فوج هر سطح تي ادارن سان مڪمل تعاون جاري رکندي.

