واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): واشنگٹن ۾ وائٹ هاؤس جي ويجهو افغان شهري جي حملو ۾ زخمي ٿيل 20 ساله نيشنل گارڊز جي عورت اهلڪار سارا بيڪ اسٽروم فوت ٿي وئي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٿينڪس گيونگ جي موقعي تي سروس ممبرن سان ڳالهائيندي انهيءَ خبر تصديق ڪئي ۽ سارا کي ڀيٽا پيش ڪئي.
صدر ٽرمپ چيو ته سارا هڪ شاندار ۽ باصلاحيت نوجوان هئي، جنهن جون خدمتون غير معمولي هيون. هن واضح ڪيو ته نيشنل گارڊز ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي حفاظت لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن، ۽ انهن تي حملو ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو.
واقعي ۾ 24 ساله ايئر فورس اسٽاف سارجنٽ اينڊريو وولف به زخمي ٿيو. ٻنهي اهلڪارن کي ايمبوش اسٽائل فائرنگ جو نشانو بڻايو ويو جڏهن اهي ڊيوٽي کان واپس اچي رهيا هئا. حملو اوچتو هو ۽ بچاءُ جو موقعو نه ملي سگهيو.
سارا ۽ اينڊريو انهن نيشنل گارڊز ۾ شامل هئا جن کي صدر ٽرمپ جي حڪم تي اگسٽ ۾ واشنگٽن ڊي سي موڪليو ويو هو ته جيئن وفاقي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي تعداد وڌائي سگهجي.
صدر ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ آمريڪي فوجي طاقت جو ذڪر ڪندي چيو ته آمريڪا وٽ دنيا جي سڀ کان مضبوط فوج ۽ جديد ترين دفاعي نظام موجود آهي. هن ٻڌايو ته بي-2 بمبار جهازن 37 ڪلاڪن جي ڊگهي اُڏام بعد پنهنجو هدف ڪاميابي سان نشانو بڻايو، ۽ وڌيڪ بمبار جهازن جي آرڊر تي به صحيح ڪئي وئي آهي.

