نيو يارڪ جي هڪ پراسڪيوٽر جي اي ميل موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ سزا يافته جنسي ڏوهاري جيفري ايپسٽين جي نجي جهاز تي اڳ ۾ رپورٽ ٿيل کان به گهڻيون ڀيرا سفر ڪيو هو۔ هي انڪشاف ايپسٽين بابت نون دستاويزن جي هڪ سلسلي جو حصو آهي، جيڪي آمريڪي انصاف واري وزارت اڱاري ڏينهن جاري ڪيا آهن۔
7 جنوري 2020ع جي تاريخ واري هڪ اي ميل ۾، هڪ اڻسڃاتل پراسڪيوٽر لکيو ته فلائيٽ رڪارڊ موجب ڊونلڊ ٽرمپ 1990ع واري ڏهاڪي دوران جيفري ايپسٽين جي نجي جهاز تي اٺ ڀيرا سفر ڪيو هو. انهن مان گهٽ ۾ گهٽ چار پروازن دوران ايپسٽين جي ساٿي غزلين ميڪسويل به جهاز ۾ موجود هئي. ميڪسويل هن وقت ديرپا ماليڪار ايپسٽين کي نابالغ ڇوڪرين سان جنسي زيادتي ۾ مدد ڏيڻ جي الزام هيٺ 20 سالن جي قيد جي سزا ڪاٽي رهي آهي۔
2024ع ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ ٽرمپ چيو هو ته هو “ڪڏهن به ايپسٽين جي جهاز يا سندس ‘بيوقوف’ ٻيٽ تي نه ويو.” پراسڪيوٽر جي اي ميل ۾ ٽرمپ تي ڪنهن به ڏوهه جو الزام نه لڳايو ويو آهي. وائيٽ هائوس به اي ميل بابت تبصري جي درخواست تي فوري طور ڪو جواب نه ڏنو.
هڪ پرواز دوران رڳو ٽي مسافر موجود هئا: ايپسٽين، ٽرمپ ۽ هڪ 20 ورهين جي عورت، جنهن جو نالو دستاويزن مان حذف ڪيو ويو. دستاويز موجب ٻن ٻين پروازن ۾ به عورت مسافر شامل هيون، جيڪي ميڪسويل ڪيس ۾ ممڪن شاهد ٿي سگهن ٿيون.
انصاف واري وزارت (ڊي او جي) ايڪس تي بيان جاري ڪندي چيو ته “انهن دستاويزن مان ڪجهه صدر ٽرمپ خلاف ڪوڙا ۽ سنسني خيز الزام شامل آهن، جيڪي 2020ع جي چونڊن کان ٿورو اڳ ايف بي آءِ کي جمع ڪرايا ويا هئا. واضح رهي ته اهي دعوائون بي بنياد ۽ غلط آهن، ۽ جيڪڏهن انهن ۾ ٿوري به سچائي هجي ها ته اڳ ئي صدر ٽرمپ خلاف استعمال ڪيون وڃن ها.”
ڊي او جي وڌيڪ چيو ته “قانون ۽ شفافيت سان واعدي تحت، ۽ ايپسٽين جي متاثرين جي قانوني تحفظ کي نظر ۾ رکندي، اهي دستاويز جاري ڪيا پيا وڃن.”
ايپسٽين فائلن جي تازي جاري ڪيل مواد ۾ لڳ ڀڳ 30 هزار صفحن تي ٻڌل دستاويز شامل آهن، جن ۾ گهڻيون حذفائون ڪيل آهن، گڏوگڏ درجنين وڊيو ڪلپس پڻ شامل آهن، جن مان ڪجهه مبينا طور وفاقي حراستي مرڪز اندر ٺاهيل آهن. ايپسٽين 2019ع ۾ نيويارڪ جي جيل ۾ مرده حالت ۾ مليو هو، جڏهن ته سندس موت کي خودڪشي قرار ڏنو ويو.
هڪ ٻي اي ميل ۾، 2021ع ۾ هڪ اڻسڃاتل شخص لکيو ته هن حڪومت پاران اڳوڻي ٽرمپ صلاحڪار اسٽيـو بينن جي موبائل فون مان حاصل ڪيل ڊيٽا ڏسندي “ٽرمپ ۽ غزلين ميڪسويل جي گڏيل تصوير” ڏٺي. حڪومت اي ميل مان موڪليندڙ ۽ وصول ڪندڙ بابت تفصيل حذف ڪري ڇڏيا.
حڪومتي فائلن ۾ شامل هڪ ٻئي دستاويز ۾ ٽرمپ جي ميڪسويل سان گڏ ويٺل ڌندلي تصوير پڻ شامل آهي، جيڪا 2000ع ۾ نيويارڪ فيشن شو دوران ورتل تصوير سان ملي ٿي.
ان کان علاوه، حڪومت اڱاري ڏينهن هڪ وڊيو به جاري ڪئي، جيڪا مبينا طور ايپسٽين کي پنهنجي جيل سيل اندر گوڏن ڀر ويٺل ڏيکاري ٿي. پر رائٽرز جي جاچ موجب اها وڊيو ڪمپيوٽر ذريعي تيار ڪيل لڳي ٿي، جيڪا پهريون ڀيرو 2020ع ۾ سوشل ميڊيا تي ظاهر ٿي هئي، يعني ايپسٽين جي موت کان هڪ سال پوءِ. اي ميل موجب اها وڊيو انصاف واري وزارت کي هڪ شخص جمع ڪرائي هئي، جنهن دعويٰ ڪئي هئي ته اها ايپسٽين جي خودڪشي ڏيکاري ٿي.
ٽرمپ انتظاميا گذريل هفتي ايپسٽين فائلن جو وڏو ذخيرو جاري ڪيو هو ته جيئن نئين قانون تي عمل ڪيو وڃي، جيڪو سياسي طور حساس موضوع تي معلومات ظاهر ڪرڻ کي لازمي بڻائي ٿو. پر جمعي ۽ ڇنڇر تي جاري ڪيل مواد ۾ وڏي پيماني تي حذفائون هئڻ سبب ڪجهه ريپبلڪن اڳواڻ ناراض ٿي پيا ۽ 2026ع جي وچ مدتي چونڊن کان اڳ پارٽي کي درپيش اسڪينڊل کي گهٽائڻ ۾ به ناڪام رهيو.
سومر ڏينهن ٽرمپ ايپسٽين فائلن جي اهميت کي گهٽ ڪندي چيو ته اهي مواد “سندس ۽ ساٿي ريپبلڪنز جي وڏي ڪاميابيءَ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن.”
نئون شفافيت وارو قانون، جيڪو گذريل مهيني ڪانگريس مان وڏي اڪثريت سان منظور ٿيو، سڀني ايپسٽين فائلن جي ظاهر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو، جيتوڻيڪ ٽرمپ مهينن تائين انهن کي سيل رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
ريپبلڪن نمائندو ٿامس ميـسي، جيڪو فائلن جي جاري ٿيڻ وارو قانون آڻڻ ۾ اڳڀرو هو، سومر دير سان ايڪس تي ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ڏيندي لکيو:
“ٽرمپ مون تي اهڙي بل جو الزام لڳائي رهيو آهي، جنهن تي هن آخرڪار پاڻ صحي ڪئي، جڏهن ته هو پنهنجي بينڪر دوستن، بل ڪلنٽن ۽ ٻين ‘بيگناهه’ مهمانن جو دفاع ڪري رهيو آهي، جيڪي ريپ آئي لينڊ تي ويا. ان دوران اٽارني جنرل پام بانڊي قانون تحت جاري ڪرڻ لازمي ايپسٽين فائلن کي حذف، ڇڏڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي.”

