نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) نيوايارڪ جي ميئر ظہران ممداني وينزويلا تي مبينه آمريڪي حملو ۽ صدر نڪولس مادورو ۽ سندس زال جي گرفتاري جي اعلان تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته اهڙي ڪارروائي عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.
سوشل ميڊيا پليٽفارم “ايڪس” تي جاري بيان ۾ ميئر ٻڌايو ته کيس آمريڪي آپريشن ۽ مادورو ۽ سندس زال سيليا فلوريس کي نيوايارڪ ۾ وفاقي حراست ۾ رکڻ بابت بريفنگ ڏني وئي آهي.
ممداني جو چوڻ هو ته ڪنهن خودمختيار ملڪ تي يڪطرفو حملو جنگ جي برابر آهي ۽ اهو وفاقي ۽ بين الاقوامي قانونن جي صريح ڀڃڪڙي آهي. هن خبردار ڪيو ته اهڙيون ڪاروايون آمريڪي خارجه پاليسي ۾ خطري واري تڪرار وڌائي سگهن ٿيون.
ميئر زور ڏنو ته ان جا اثر صرف وينزويلا تائين محدود نه رهندا، پر نيوايارڪ ۾ رهندڙ هزارين وينزوالا نواسن تي به سڌو سنئون پوندا. هن چيو ته سندس ڌيان هر شهري جي سلامتي تي آهي ۽ انتظاميه صورتحال تي نظر رکي رهي آهي، ضرورت پوڻ تي بروقت رهنمائي فراهم ڪئي ويندي.

