نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) وينزويلا جي گرفتار ڪيل صدر نڪولس مادورو کي آمريڪي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ نيويارڪ منتقل ڪيو ويو، جتي هن تي منشيات اسمگلنگ جا الزام لڳايا ويا آهن. عالمي خبرن موجب، آمريڪي اسپيشل فورسز صدر ٽرمپ جي حڪم تي مادورو کي سندس صدارتي محل مان رات جو حراست ۾ ورتو ۽ زال سيليا فلوريس سان گڏ نيويارڪ آندو.
مادورو کي ڊائون ٽائون مين هيٽن هيلي پورٽ کان ڊينيئل پيٽرڪ موئنهن يونائيٽيڊ اسٽيٽس ڪورٽ هائوس منتقل ڪيو ويو. ان کان اڳ کيس هٿڪڙيون لڳائي آمريڪا جي گهٽين ۾ گھمايو ويو، جتي هو لنگڙي حالت ۾ نظر آيو ۽ ڪجهه وقت لاءِ اکين تي پٽي به ٻڌل هئي.https://t.co/cPb9qBYrQB#Maduro #USCourt pic.twitter.com/rmRUkbMmqs
— Misal News (@dailymisal) January 5, 2026
مادورو کي ڊائون ٽائون مين هيٽن هيلي پورٽ کان ڊينيئل پيٽرڪ موئنهن يونائيٽيڊ اسٽيٽس ڪورٽ هائوس منتقل ڪيو ويو. ان کان اڳ کيس هٿڪڙيون لڳائي آمريڪا جي گهٽين ۾ گھمايو ويو، جتي هو لنگڙي حالت ۾ نظر آيو ۽ ڪجهه وقت لاءِ اکين تي پٽي به ٻڌل هئي.
وائرل وڊيوز ۾ مادورو جي زال به ساڻس گڏ ڏسڻ ۾ آئي. رپورٽن موجب، آمريڪا طرفان هي رويو ان وقت اختيار ڪيو ويو جڏهن وينزويلا جي عبوري حڪمران ڊيلسي روڊريگز آمريڪي حڪومت سان تعاون جي پيشڪش ڪئي هئي، جنهن کي آمريڪا سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو هو.

