راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت عليمه خان خلاف 26 نومبر 2024 جي احتجاج بابت داخل ڪيس ۾ بريت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. جج امجد علي شاهه ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدليه آزاد هجي ها ته باني پي ٽي آءِ جيل ۾ نه هجي ها. هن چيو ته سندس خلاف سزا اڳواٽ لکيل آهي، هڪ ڪيس ۾ نه ته ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ ڏني ويندي.
عليمه خان جو چوڻ هو ته هوءَ ۽ سندس خاندان عمران خان سان اڊياله جيل ۾ ملاقات لاءِ پهچندا، جيڪڏهن اجازت نه ملي ته روڊ تي ويهي انتظار ڪندا. هن الزام هنيو ته حڪومت ووٽ چوري ڪري اقتدار ۾ آئي آهي ۽ عدليه کي آزاد نه رکيو ويو آهي.
صفائي واري وڪيل فيصل ملڪ چيو ته عليمه خان جو قصور صرف اهو آهي ته هن پنهنجي ڀاءُ جو پرامن احتجاج جو پيغام عوام تائين پهچايو. پرامن احتجاج کي آئيني تحفظ حاصل آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ ڪا به پختي شاهدي موجود ناهي.
پراسڪيوٽر ظهير شاهه دليل ڏنو ته احتجاج دوران ملڪ جام ٿيو، هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 170 زخمي ٿيا، ان ڪري بريت جو ڪو جواز ناهي. عدالت پراسڪيوشن جي موقف سان اتفاق ڪندي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

