اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناالله چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي قائد نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اعتماد ۾ وٺي پي ٽي آءِ کي ڳالهه ٻولهه جي آفر ڪئي، پر اسان کي خبر آهي ته عمران خان ڳالهه ٻولهه نٿو چاهي۔
راڻا ثناالله موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بينچ باني پي ٽي آءِ جي ملاقات جو طريقه ڪار طئي ڪيو هو، جنهن ۾ شرط هئي ته ملاقات کان پوءِ سياسي سرگرميون نه ٿينديون، پر ملاقات کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۽ تڪرار پيدا ٿين ٿا۔ هن چيو ته سلمان اڪرم راجا عدالت کي يقين ڏياريو هو ته ملاقات ۾ طئي ڪيل طريقيڪار تي عمل ٿيندو، جيڪڏهن قانون تي عمل ڪيو وڃي ته ملاقات ۾ ڪا رڪاوٽ نه هوندي، ۽ جيڪڏهن جيل انتظاميا هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نٿي ڪري ته پوءِ عدالت ۾ وڃڻ گهرجي۔
سينيٽر راڻا ثناالله چيو ته اپوزيشن ليڊر جي مقرري تي حڪومت جي نيت تي شڪ نه ٿيڻ گهرجي۔ هن وڌيڪ چيو ته جڏهن وزيراعظم ڳالهه ٻولهه جي دعوت ڏني ته چيو ويو ته انهن وٽ اختيار ئي ناهي، پر وزيراعظم اسٽيبلشمينٽ ۽ نواز شريف کي اعتماد ۾ وٺي آفر ڪئي آهي، هاڻي ان کي قبول ڪيو وڃي۔
هن چيو ته اپوزيشن جڏهن تحريڪ جو اعلان ڪري ٿي ته حڪومت ڳالهه ٻولهه جي ڳالهه ڪري ٿي، اپوزيشن سمجهي ٿي ته انهن جي تحريڪ ڪامياب ٿيڻ واري آهي ۽ حڪومت انهن کي ٽريپ ڪرڻ چاهي ٿي۔
مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ چيو ته اپوزيشن 5 فيبروري تي پيهه جام ڪري ڏسي، ان کان پوءِ ٻيهر ڳالهه ڪري وٺون ٿا۔ هن چيو ته باني پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هوندا ته اپوزيشن سان ڳالهه نه ڪندا، هاڻي به ڳالهه ٻولهه نٿا چاهين، جڏهن ته رياست سان ٽڪراءَ جي پاليسي آخرڪار باني پي ٽي آءِ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي۔

