ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلاول هائوس جي ترجمان ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سريندر ولاسائي، وفاقي وزير مصطفىٰ ڪمال جي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واري بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
ترجمان بلاول هائوس چيو ته مصطفىٰ ڪمال کي سياسي طور “ننڊ ۾ هلڻ جي بيماري” آهي، جنهن جي حيثيت ڪائونسلر جي نه هجي ۽ کيس وفاقي وزير بڻايو وڃي ته پوءِ نه سندس پير زمين تي هوندا ۽ نه هوش قائم.
سريندر ولاسائي چيو ته مصطفىٰ ڪمال اهو سياسي “ڇٽو” آهي جيڪو ٻين جي آڱر پڪڙي هلندو آهي، جنهن جي نه سياست پنهنجي آهي ۽ نه سوچ. جيڪڏهن حادثن جي بنياد تي شهرن کي وفاق حوالي ڪرڻ درست هجي ها ته لاھور ڪافي وقت اڳ اسلام آباد جي ڪنٽرول ۾ اچي چڪو هجي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته لاھور ۾ الفتح شاپنگ مال کي ٻه ڀيرا، حفيظ سينٽر کي ٽي ڀيرا ۽ پيس مال کي ٻه ڀيرا باھ لڳي، پر انهن واقعن کان پوءِ ڪنهن به اهو مطالبو نه ڪيو ته لاھور کي وفاق حوالي ڪيو وڃي.
سوال اٿاريو ويو ته جيڪڏهن خدا نخواستہ اسلام آباد ۾ ڪا آتشزدگي جو حادثو ٿئي ته پوءِ ان کي ڪهڙي حوالي ڪيو ويندو؟
سريندر ولاسائي جو چوڻ هو ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا غير منطقي بيان دراصل تعصب، ورهاست، تخريب ۽ تشدد واري سياست جو حصو آهن. هن چيو ته اهڙو بيان غير آئيني، غير حقيقت پسندانه ۽ پاڪستان دشمن سوچ آهي. عوام نه ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ٿيڻ ڏيندا ۽ نه وفاق کي ڪمزور ٿيڻ ڏيندا.
ترجمان بلاول هائوس موجب، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورثي کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، جيڪي چئن صوبن جي زنجير هيون.

