ڪراچي جي گل پلازه ۾ ٽئين درجي باهه، 5 ڄڻا سڙي فوت، ويهه کان وڌيڪ زخمي، ڪيترائي ڦاٿل

HomeFeatured Newsڪراچي جي گل...

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ لڳندڙ باهه کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 5ماڻهو فوت ۽ ويهه کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. فوت ٿيلن ۾ آصف، فراز ۽ عامر شامل آهن، جڏهن ⁠تہ زخمين مان ڪيترن جي حالت نازڪ آهي ۽ کين سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

باهه سبب گرائونڊ فلور جا سڀ دڪان ۽ گودام مڪمل طور تي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، جڏهن⁠ تہ باهه ٽئين منزل تائين پهچي وئي آهي. فائر بريگيڊ جي عملدارن موجب سڄي شهر مان فائر ٽينڊرز طلب ڪيا ويا آهن ۽ ڦاٿل ماڻهن کي اسنارڪل ذريعي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي.

واٽر بورڊ جي ترجمان ٻڌايو ته فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو 1122 جي درخواست تي فوري طور واٽر ٽينڪر روانا ڪيا ويا آهن، جڏهن ⁠تہ نِيپا ۽ صفورہ هائيڊرنٽس تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ته جيئن پاڻي جي فراهمي بنا رڪاوٽ جاري رهي. واٽر بورڊ جا عملدار فائر بريگيڊ سان مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهن.

صوبائي گهرو وزير سنڌ ضياالحسن لنجار اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور ريسڪيو جا قدم کنيا وڃن، ٽريفڪ لاءِ متبادل روٽس ٺاهيا وڃن ۽ جاچ ذريعي باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪيا وڃن. هن زور ڏنو ته گل پلازا جي عمارت کي محفوظ بڻايو وڃي ۽ فائر بريگيڊ جي گاڏين لاءِ رستا صاف ڪيا وڃن.

سنڌ رينجرز جا جوان به امدادي ڪارروائين ۾ شامل ٿي ويا آهن. گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري متاثر واپارين سان ملاقات ڪري بحالي جا حڪم جاري ڪيا. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي بلديه عظميٰ جون مشينون موقعي تي موڪلي ڇڏيون آهن.

صحت واري وفاقي وزير مصطفىٰ ڪمال فوت ٿيلن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي علاج لاءِ بهترين سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. هن چيو ته وفاقي سطح تي سنڌ حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي ۽ ريسڪيو ادارن کي هدايت ڪئي ته ڦاٿل ماڻهن کي فوري طور محفوظ جاءِ تي منتقل ڪيو وڃي.

اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اويس قادر شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي به جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اپوزيشن ليڊر هن واقعي کي سانحو قرار ڏيندي چيو ته آتشزدگي تي ضابطو آڻڻ لاءِ مؤثر قدم نه کڻڻ افسوس جوڳو عمل آهي.

گل پلازا ۾ لڳل باهه سبب شهر ۾ خوف ۽ بيچيني جي فضا آهي، جڏهن ⁠تہ ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروائيون اڃا تائين جاري آهن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

گولڊن ٽيمپل ۾ غير...

امرِتسر ۾ مقدس هرمندر صاحب جي تالاب ۾ غير اخلاقي عمل، ملزم سبحان رنگریز گرفتار امرِتسر،...

گولڊن ٽيمپل ۾ غير ارادي ڪُلي، شخص گرفتار، سکھ برادري ۾ ڀڙڪ پيدا

امرِتسر ۾ مقدس هرمندر صاحب جي تالاب ۾ غير اخلاقي عمل، ملزم سبحان رنگریز گرفتار امرِتسر، ڀارت – ويب ڊيسڪ: سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل...

چیئرمین پی ٹی آئی بیرسٹر گوہر خان عمران خان سان ملاقات کان انڪار

جیل ۾ ملاقات دوران بیرسٹر گوہر خان اڪيلائي ۾ ملاقات ڪرڻ کان معذرت، هڪ فيملي ممبر يا وڪيل شامل ڪرڻ جي درخواست اسلام آباد، پاڪستان...

آءِ سي سي بنگلاديشي صحافيءَ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪوريج کان روڪي ڇڏيو

100 کان وڌيڪ صحافيءَ کي ايڪريڊٽيشن نه ڏيڻ سان بنگلاديش ۽ آءِ سي سي جي وچ ۾ تڪرار وڌي ويو ڊھاڪـا، بنگلاديش – ويب ڊيسڪ:...

گل پلازا سانحي کانپوءِ هزارين گهر اونداهي ۽ گيس کان محروم، شهري حڪومت اڳيان بي وس

مارسٽن روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 11 ڏينهن کان گيس بند، متاثر خاندان سلينڊرن تي گذارو ڪرڻ تي مجبور ڪراچي، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: گل پلازا...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ڊيره اسماعيل خان: امن ڪميٽي...

ڊي آءِ خان(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ قريشي موڙ جي ويجهو امن ڪميٽي جي سربراهه...

سنڌ جي وڏي وزير جو...

مراد علي شاهه جو گل پلازا جي ٻيهر تعمير ۽ هر دڪاندار کي پنج لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪراچي(اسٽاف...

گل پلازا سانحو: فوتين جو...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازہ شاپنگ مال ۾ ڇنڇر جي رات لڳل باهه...

باهه جا سبب معلوم ڪيا...

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازہ...
spot_img

گولڊن ٽيمپل ۾ غير ارادي ڪُلي، شخص گرفتار، سکھ برادري ۾ ڀڙڪ پيدا

امرِتسر ۾ مقدس هرمندر صاحب جي تالاب ۾ غير اخلاقي عمل، ملزم سبحان رنگریز گرفتار امرِتسر، ڀارت – ويب ڊيسڪ: سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل...

چیئرمین پی ٹی آئی بیرسٹر گوہر خان عمران خان سان ملاقات کان انڪار

جیل ۾ ملاقات دوران بیرسٹر گوہر خان اڪيلائي ۾ ملاقات ڪرڻ کان معذرت، هڪ فيملي ممبر يا وڪيل شامل ڪرڻ جي درخواست اسلام آباد، پاڪستان...

آءِ سي سي بنگلاديشي صحافيءَ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪوريج کان روڪي ڇڏيو

100 کان وڌيڪ صحافيءَ کي ايڪريڊٽيشن نه ڏيڻ سان بنگلاديش ۽ آءِ سي سي جي وچ ۾ تڪرار وڌي ويو ڊھاڪـا، بنگلاديش – ويب ڊيسڪ:...

گل پلازا سانحي کانپوءِ هزارين گهر اونداهي ۽ گيس کان محروم، شهري حڪومت اڳيان بي وس

مارسٽن روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 11 ڏينهن کان گيس بند، متاثر خاندان سلينڊرن تي گذارو ڪرڻ تي مجبور ڪراچي، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: گل پلازا...

آمريڪا ۾ قيامت جهڙو برفاني طوفان، 30 ڄڻا فوت، لکين بجلي کان محروم

نيويارڪ، ٽيڪساس سميت ڪيترين رياستن ۾ ايمرجنسي لاڳو، سردي زندگي منجمد ڪري ڇڏي واشنگٽن/نيويارڪ، آمريڪا – ويب ڊيسڪ: آمريڪا ۾ شديد برفاني طوفان سبب اوڀر...

آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ نيون ترجيحون طئي، پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ملڻ جو امڪان

وزارتِ خزانه آءِ ايم ايف سان رليف ۽ معاشي بحالي تي نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي اسلام آباد، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: پاڪستان ۽...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});