ڪراچي جي گل پلازه ۾ ٽئين درجي باهه، 5 ڄڻا سڙي فوت، ويهه کان وڌيڪ زخمي، ڪيترائي ڦاٿل

HomeFeatured Newsڪراچي جي گل...

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ لڳندڙ باهه کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 5ماڻهو فوت ۽ ويهه کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. فوت ٿيلن ۾ آصف، فراز ۽ عامر شامل آهن، جڏهن ⁠تہ زخمين مان ڪيترن جي حالت نازڪ آهي ۽ کين سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

باهه سبب گرائونڊ فلور جا سڀ دڪان ۽ گودام مڪمل طور تي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، جڏهن⁠ تہ باهه ٽئين منزل تائين پهچي وئي آهي. فائر بريگيڊ جي عملدارن موجب سڄي شهر مان فائر ٽينڊرز طلب ڪيا ويا آهن ۽ ڦاٿل ماڻهن کي اسنارڪل ذريعي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي.

واٽر بورڊ جي ترجمان ٻڌايو ته فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو 1122 جي درخواست تي فوري طور واٽر ٽينڪر روانا ڪيا ويا آهن، جڏهن ⁠تہ نِيپا ۽ صفورہ هائيڊرنٽس تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ته جيئن پاڻي جي فراهمي بنا رڪاوٽ جاري رهي. واٽر بورڊ جا عملدار فائر بريگيڊ سان مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهن.

صوبائي گهرو وزير سنڌ ضياالحسن لنجار اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور ريسڪيو جا قدم کنيا وڃن، ٽريفڪ لاءِ متبادل روٽس ٺاهيا وڃن ۽ جاچ ذريعي باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪيا وڃن. هن زور ڏنو ته گل پلازا جي عمارت کي محفوظ بڻايو وڃي ۽ فائر بريگيڊ جي گاڏين لاءِ رستا صاف ڪيا وڃن.

سنڌ رينجرز جا جوان به امدادي ڪارروائين ۾ شامل ٿي ويا آهن. گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري متاثر واپارين سان ملاقات ڪري بحالي جا حڪم جاري ڪيا. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي بلديه عظميٰ جون مشينون موقعي تي موڪلي ڇڏيون آهن.

صحت واري وفاقي وزير مصطفىٰ ڪمال فوت ٿيلن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي علاج لاءِ بهترين سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. هن چيو ته وفاقي سطح تي سنڌ حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي ۽ ريسڪيو ادارن کي هدايت ڪئي ته ڦاٿل ماڻهن کي فوري طور محفوظ جاءِ تي منتقل ڪيو وڃي.

اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اويس قادر شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي به جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اپوزيشن ليڊر هن واقعي کي سانحو قرار ڏيندي چيو ته آتشزدگي تي ضابطو آڻڻ لاءِ مؤثر قدم نه کڻڻ افسوس جوڳو عمل آهي.

گل پلازا ۾ لڳل باهه سبب شهر ۾ خوف ۽ بيچيني جي فضا آهي، جڏهن ⁠تہ ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروائيون اڃا تائين جاري آهن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ڊيره اسماعيل خان: امن ڪميٽي...

ڊي آءِ خان(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ قريشي موڙ جي ويجهو امن ڪميٽي جي سربراهه...

سنڌ جي وڏي وزير جو...

مراد علي شاهه جو گل پلازا جي ٻيهر تعمير ۽ هر دڪاندار کي پنج لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪراچي(اسٽاف...

گل پلازا سانحو: فوتين جو...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازہ شاپنگ مال ۾ ڇنڇر جي رات لڳل باهه...

باهه جا سبب معلوم ڪيا...

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازہ...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});