سنڌ جي وڏي وزير جو گل پلازه سانحي تي سياست ڪندڙن کي سخت جواب

HomeFeatured Newsسنڌ جي وڏي...

مراد علي شاهه جو گل پلازا جي ٻيهر تعمير ۽ هر دڪاندار کي پنج لک رپيا ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي گل پلازه جي ٻيهر تعمير ۽ متاثر دڪاندارن کي پهرين مرحلي ۾ پنج لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

مراد علي شاهه چيو ته گل پلازه سانحي سڄي ملڪ کي ڏک ۾ مبتلا ڪيو، اهڙا واقعا دنيا ۾ ٿيندا رهن ٿا پر انهن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته واقعي ۾ 88 ماڻهو گم ٿيل رپورٽ ٿيا، جن مان 82 جو انگ درست ثابت ٿيو. هن وقت تائين 67 لاش ملي چڪا آهن، 15 ماڻهو اڃا تائين گم آهن، جڏهن ته ڊي اين اي جي عمل ذريعي سڃاڻپ جاري آهي.

وڏي وزير وضاحت ڪئي ته باهه صبح 10:14 تي گرائونڊ فلور جي هڪ دڪان مان لڳي، 10:26 تي فائر برگيڊ کي اطلاع ڏنو ويو، ۽ 10:36 تي ريسڪيو 1122 کي ڪال ڪئي وئي. هن چيو ته انڪوائري مڪمل طور تي جاري آهي ۽ ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هن چيو ته گل پلازه جي لِيز ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن منظور ڪئي هئي، 1980ع واري ڏهاڪي ۾ تعمير مڪمل ٿي، 1991ع ۾ لِيز ۾ توسيع ڪئي وئي. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ارڙهين ترميم کان اڳ جا مسئلا اڄ تائين صاف ڪرڻا پيا آهن.

وڏي وزير چيو ته حڪومت متاثرن کي معاوضو ڏيندي، 1102 منظور ٿيل دڪانن جي مالڪن کي پهرين مرحلي ۾ پنج لک رپيا ڏنا ويندا، جيڪي ڪراچي چيمبر ذريعي ورهايا ويندا. هن واپارين جو شڪريو ادا ڪيو جن هڪ سال تائين ڪرائي نه وٺڻ جو اعلان ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته متاثر واپارين کي ٻن سالن تائين عارضي دڪان فراهم ڪيا ويندا، هڪ ڪروڙ رپيا تائين قرض ڏنو ويندو جنهن جو سود سنڌ حڪومت ڀريندي. گل پلازه کي ڊاهي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو ۽ ٻن سالن ۾ نئين دڪانن سان واپارين کي حوالو ڪيو ويندو.

مراد علي شاهه چيو ته حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو حق آهي پر اهڙي سانحي کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي. هن چيو ته ذميوارن کي سزا ملندي، جيڪڏهن سرڪاري ادارا غفلت جا ذميوار ٿيا ته انهن کي به جوابده بڻايو ويندو.

هن وفاقي وزير ڪامرس کي به چيو آهي ته ملڪ ۾ انشورنس جو نظام قائم ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. مراد علي شاهه واضح ڪيو ته آئين ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته وفاق ڪنهن به صوبي کي سڌو سنئون ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو، اسان جي ڪوشش آهي ته ارڙهين ترميم کان اڳ جا سڀ مسئلا حل ڪيا وڃن.

اسيمبلي ۾ تقرير دوران ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جا ميمبر احتجاجي طور بيٺا، جنهن تي اسپيڪر کين هدايت ڪئي ته رولز پڙهي پنهنجي وقت تي ڳالهائين.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

گولڊن ٽيمپل ۾ غير...

امرِتسر ۾ مقدس هرمندر صاحب جي تالاب ۾ غير اخلاقي عمل، ملزم سبحان رنگریز گرفتار امرِتسر،...

گولڊن ٽيمپل ۾ غير ارادي ڪُلي، شخص گرفتار، سکھ برادري ۾ ڀڙڪ پيدا

امرِتسر ۾ مقدس هرمندر صاحب جي تالاب ۾ غير اخلاقي عمل، ملزم سبحان رنگریز گرفتار امرِتسر، ڀارت – ويب ڊيسڪ: سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل...

چیئرمین پی ٹی آئی بیرسٹر گوہر خان عمران خان سان ملاقات کان انڪار

جیل ۾ ملاقات دوران بیرسٹر گوہر خان اڪيلائي ۾ ملاقات ڪرڻ کان معذرت، هڪ فيملي ممبر يا وڪيل شامل ڪرڻ جي درخواست اسلام آباد، پاڪستان...

آءِ سي سي بنگلاديشي صحافيءَ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪوريج کان روڪي ڇڏيو

100 کان وڌيڪ صحافيءَ کي ايڪريڊٽيشن نه ڏيڻ سان بنگلاديش ۽ آءِ سي سي جي وچ ۾ تڪرار وڌي ويو ڊھاڪـا، بنگلاديش – ويب ڊيسڪ:...

گل پلازا سانحي کانپوءِ هزارين گهر اونداهي ۽ گيس کان محروم، شهري حڪومت اڳيان بي وس

مارسٽن روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 11 ڏينهن کان گيس بند، متاثر خاندان سلينڊرن تي گذارو ڪرڻ تي مجبور ڪراچي، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: گل پلازا...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

باهه جا سبب معلوم ڪيا...

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازہ...

گل پلازہ ۾ باهه: فائربريگيڊ...

ڪراچي: ايم اي جناح روڊ تي مشهور واپاري مرڪز گل پلازہ ۾ لڳل باهه شدت اختيار ڪري وئي، جنهن...

بلديه عظميٰ ڪراچي پاران پاڻي...

ڪراچي: بلديه عظميٰ ڪراچي جي ترجمان شاپنگ پلازا ۾ لڳل باهه جي جاءِ تي پاڻي جي  فراھمي بابت سوشل...

ڪراچي جي گل پلازه ۾...

https://youtu.be/qB8UqO96ADI ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ لڳندڙ باهه کي ٽئين درجي جي باهه قرار...
spot_img

گولڊن ٽيمپل ۾ غير ارادي ڪُلي، شخص گرفتار، سکھ برادري ۾ ڀڙڪ پيدا

امرِتسر ۾ مقدس هرمندر صاحب جي تالاب ۾ غير اخلاقي عمل، ملزم سبحان رنگریز گرفتار امرِتسر، ڀارت – ويب ڊيسڪ: سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل...

چیئرمین پی ٹی آئی بیرسٹر گوہر خان عمران خان سان ملاقات کان انڪار

جیل ۾ ملاقات دوران بیرسٹر گوہر خان اڪيلائي ۾ ملاقات ڪرڻ کان معذرت، هڪ فيملي ممبر يا وڪيل شامل ڪرڻ جي درخواست اسلام آباد، پاڪستان...

آءِ سي سي بنگلاديشي صحافيءَ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪوريج کان روڪي ڇڏيو

100 کان وڌيڪ صحافيءَ کي ايڪريڊٽيشن نه ڏيڻ سان بنگلاديش ۽ آءِ سي سي جي وچ ۾ تڪرار وڌي ويو ڊھاڪـا، بنگلاديش – ويب ڊيسڪ:...

گل پلازا سانحي کانپوءِ هزارين گهر اونداهي ۽ گيس کان محروم، شهري حڪومت اڳيان بي وس

مارسٽن روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 11 ڏينهن کان گيس بند، متاثر خاندان سلينڊرن تي گذارو ڪرڻ تي مجبور ڪراچي، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: گل پلازا...

آمريڪا ۾ قيامت جهڙو برفاني طوفان، 30 ڄڻا فوت، لکين بجلي کان محروم

نيويارڪ، ٽيڪساس سميت ڪيترين رياستن ۾ ايمرجنسي لاڳو، سردي زندگي منجمد ڪري ڇڏي واشنگٽن/نيويارڪ، آمريڪا – ويب ڊيسڪ: آمريڪا ۾ شديد برفاني طوفان سبب اوڀر...

آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ نيون ترجيحون طئي، پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ملڻ جو امڪان

وزارتِ خزانه آءِ ايم ايف سان رليف ۽ معاشي بحالي تي نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي اسلام آباد، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: پاڪستان ۽...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});