سنڌ جي وڏي وزير جو گل پلازه سانحي تي سياست ڪندڙن کي سخت جواب

HomeFeatured Newsسنڌ جي وڏي...

مراد علي شاهه جو گل پلازا جي ٻيهر تعمير ۽ هر دڪاندار کي پنج لک رپيا ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي گل پلازه جي ٻيهر تعمير ۽ متاثر دڪاندارن کي پهرين مرحلي ۾ پنج لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

مراد علي شاهه چيو ته گل پلازه سانحي سڄي ملڪ کي ڏک ۾ مبتلا ڪيو، اهڙا واقعا دنيا ۾ ٿيندا رهن ٿا پر انهن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته واقعي ۾ 88 ماڻهو گم ٿيل رپورٽ ٿيا، جن مان 82 جو انگ درست ثابت ٿيو. هن وقت تائين 67 لاش ملي چڪا آهن، 15 ماڻهو اڃا تائين گم آهن، جڏهن ته ڊي اين اي جي عمل ذريعي سڃاڻپ جاري آهي.

وڏي وزير وضاحت ڪئي ته باهه صبح 10:14 تي گرائونڊ فلور جي هڪ دڪان مان لڳي، 10:26 تي فائر برگيڊ کي اطلاع ڏنو ويو، ۽ 10:36 تي ريسڪيو 1122 کي ڪال ڪئي وئي. هن چيو ته انڪوائري مڪمل طور تي جاري آهي ۽ ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هن چيو ته گل پلازه جي لِيز ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن منظور ڪئي هئي، 1980ع واري ڏهاڪي ۾ تعمير مڪمل ٿي، 1991ع ۾ لِيز ۾ توسيع ڪئي وئي. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ارڙهين ترميم کان اڳ جا مسئلا اڄ تائين صاف ڪرڻا پيا آهن.

وڏي وزير چيو ته حڪومت متاثرن کي معاوضو ڏيندي، 1102 منظور ٿيل دڪانن جي مالڪن کي پهرين مرحلي ۾ پنج لک رپيا ڏنا ويندا، جيڪي ڪراچي چيمبر ذريعي ورهايا ويندا. هن واپارين جو شڪريو ادا ڪيو جن هڪ سال تائين ڪرائي نه وٺڻ جو اعلان ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته متاثر واپارين کي ٻن سالن تائين عارضي دڪان فراهم ڪيا ويندا، هڪ ڪروڙ رپيا تائين قرض ڏنو ويندو جنهن جو سود سنڌ حڪومت ڀريندي. گل پلازه کي ڊاهي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو ۽ ٻن سالن ۾ نئين دڪانن سان واپارين کي حوالو ڪيو ويندو.

مراد علي شاهه چيو ته حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو حق آهي پر اهڙي سانحي کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي. هن چيو ته ذميوارن کي سزا ملندي، جيڪڏهن سرڪاري ادارا غفلت جا ذميوار ٿيا ته انهن کي به جوابده بڻايو ويندو.

هن وفاقي وزير ڪامرس کي به چيو آهي ته ملڪ ۾ انشورنس جو نظام قائم ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. مراد علي شاهه واضح ڪيو ته آئين ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته وفاق ڪنهن به صوبي کي سڌو سنئون ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو، اسان جي ڪوشش آهي ته ارڙهين ترميم کان اڳ جا سڀ مسئلا حل ڪيا وڃن.

اسيمبلي ۾ تقرير دوران ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جا ميمبر احتجاجي طور بيٺا، جنهن تي اسپيڪر کين هدايت ڪئي ته رولز پڙهي پنهنجي وقت تي ڳالهائين.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

باهه جا سبب معلوم ڪيا...

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازہ...

گل پلازہ ۾ باهه: فائربريگيڊ...

ڪراچي: ايم اي جناح روڊ تي مشهور واپاري مرڪز گل پلازہ ۾ لڳل باهه شدت اختيار ڪري وئي، جنهن...

بلديه عظميٰ ڪراچي پاران پاڻي...

ڪراچي: بلديه عظميٰ ڪراچي جي ترجمان شاپنگ پلازا ۾ لڳل باهه جي جاءِ تي پاڻي جي  فراھمي بابت سوشل...

ڪراچي جي گل پلازه ۾...

https://youtu.be/qB8UqO96ADI ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ لڳندڙ باهه کي ٽئين درجي جي باهه قرار...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});