ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازہ ۾ لڳل خطرناڪ باهه جي ۾ قيمتي انساني جانين ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي
بلاول ڀٽو زرداري فوت ٿيلن جي وارثن سان دلي تعزيت ڪندي چيو ته هو هن ڏکئي گهڙي ۾ متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.
چيئرمين پيپلز پارٽي هدايت ڪئي ته وزيراعليٰ سنڌ ۽ ميئر ڪراچي باهه وسائڻ ۽ ريسڪيو آپريشن لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪن ۽ متاثرن کي هر ممڪن امداد فراهم ڪئي وڃي.
هن واقعي جي شفاف جاچ جو حڪم ڏيندي چيو ته باهه جا سبب معلوم ڪيا وڃن ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءَ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن. بلاول ڀٽو زور ڏنو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ حفاظتي انتظامات کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ غفلت يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

