ڪراچي: بلديه عظميٰ ڪراچي جي ترجمان شاپنگ پلازا ۾ لڳل باهه جي جاءِ تي پاڻي جي فراھمي بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۽ بيانن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان چيو ته سوشل ميڊيا تي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته واٽر ٽينڪر يا فائر بريگيڊ وٽ باهه وسائڻ لاءِ پاڻي موجود نه هو، جيڪو حقيقت جي ابتڙ آهي.
ترجمان وضاحت ڪئي ته واٽر بورڊ جي عملدارن واقعي جي فوري بعد پاڻي جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ لاڳاپيل هائيڊرنٽس تي ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي هئي. ترجمان موجب حادثي جي اطلاع ملڻ ۽ واقعي واري هنڌ تائين پهچڻ ۾ ٿورو وقت لڳي ٿو، پر سڀئي ادارا ۽ عملي بروقت پهچي ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو.
ترجمان وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ الزام تراش وڊيوز ۾ پاڻ پاڻي جي موجودگي صاف نظر اچي ٿي، جنهن سان پاڻي نه هجڻ جا دعوٰي غلط ثابت ٿين ٿا. ترجمان بلديه عظميٰ ڪراچي جو چوڻ هو ته ريسڪيو آپريشن مختلف ادارا گڏجي ڪري رهيا آهن ۽ سڄي ڪارروائي ميڊيا جي مڪمل نگراني ۾ جاري آهي، جنهن سان شفافيت واضح آهي.

