سنڌ حڪومت جو اعلان: صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر ۾ اربين رپين جا منصوبا جاري

Homeاهم خبرسنڌ حڪومت جو...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبي ۾ هن وقت تائين 13 هزار کان وڌيڪ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، جن مان مختلف شعبن ۾ 9,193 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن. صحت، تعليم، زراعت، روڊن، آبپاشي ۽ سماجي منصوبن تي 367 ارب رپين جي غير ملڪي امداد ۽ 76 ارب رپين جي وفاقي پي ايس ڊي پي تحت ڪم جاري آهي.

هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ترقياتي ويزن جو مقصد رڳو منصوبن شروع ڪرڻ ناهي، پر انهن جي وقت سر تڪميل ۽ معيار جي سخت پابندي کي يقيني بڻائڻ آهي.  لاڳاپيل کاتن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته نوان منصوبا صرف تڏهن شروع ڪيا وڃن، جڏهن موجوده منصوبا مڪمل ٿي وڃن.

سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن جي تيز رفتار تڪميل ۽ معيار جي پابندي ترقياتي ويزن جو لازمي حصو آهي. هن چيو ته شهر ۾ هر ترقياتي منصوبي جو بنيادي مقصد شهرين جي زندگي کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪراچي جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت روڊن، پارڪن، نيڪال، سيوريج ۽ اسٽريٽ لائيٽنگ جي اپ گريڊيشن جا ڪم مڪمل ڪيا ويا آهن.  منصوبي تحت مڪمل ٿيل منصوبن سان شهرين جي زندگي جي معيار ۾ نمايان بهتري آئي آهي. وزيراعليٰ جي هدايتن موجب ماسٽر پلان تي سختي سان عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، جيئن غير منصوبابند ڪمن کي روڪي سگهجي.

هن چيو ته سنڌ ميونسپل سروسز ڊليوري پروگرام تحت جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ پاڻي جي فراهمي، ڪچري جي صفائي ۽ ويسٽ واٽر مينيجمينٽ ۾ به بهتري آندي وئي آهي. هن زور ڏنو ته صوبي ۾ جاري هر ترقياتي منصوبي جو مقصد عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ، اقتصادي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۽ پائيداري کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته هر منصوبي جي وقت سر تڪميل، معيار جي حفاظت ۽ عوام لاءِ حاصل ٿيندڙ فائدا ئي حقيقي ترقي جي ڪاميابي آهن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

سنڌ جي وڏي وزير جو...

مراد علي شاهه جو گل پلازا جي ٻيهر تعمير ۽ هر دڪاندار کي پنج لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪراچي(اسٽاف...

گل پلازا سانحو: فوتين جو...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازہ شاپنگ مال ۾ ڇنڇر جي رات لڳل باهه...

باهه جا سبب معلوم ڪيا...

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازہ...

گل پلازہ ۾ باهه: فائربريگيڊ...

ڪراچي: ايم اي جناح روڊ تي مشهور واپاري مرڪز گل پلازہ ۾ لڳل باهه شدت اختيار ڪري وئي، جنهن...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});