رياض/دوحه/مسقط: سعودي عرب، قطر ۽ عمان صدر ٽرمپ جي ايران تي ممڪن فوجي حملي جي ڌمڪي کان پوءِ خطي ۾ وڌندڙ تڪرار کي روڪڻ لاءِ خفيه سفارتي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
اهم تفصيل
عالمي خبرن موجب، ايران خلاف آمريڪي فوجي ڪارروائي جي خدشن سبب خليجي عرب ملڪن پسِ پرده سفارتي سرگرميون تيز ڪيون آهن.
سعودي عرب، قطر ۽ عمان آمريڪا جا ويجها اتحادي هجڻ باوجود ايران تي حملي جي نتيجن بابت شديد پريشاني ۾ مبتلا آهن.
سفارتي ذريعن ٻڌايو ته انهن ملڪن جو موقف آهي ته ايران تي فوجي ڪارروائي جا اثرات صرف هڪ ملڪ تائين محدود نه رهندا، پر سڄي وچ اوڀر ۾ سيڪيورٽي ۽ معيشت تي اثرانداز ٿيندا۔
ڪجهه عرب حڪومتن آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته ايران تي حملو احتجاجي تحريڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ ان جو الٽو اثر ٿي سگهي ٿو، جنهن سان مختلف سياسي ۽ سماجي گروهه اختلاف وساري حڪومت سان گڏ بيهي سگهن ٿا۔
سي اين اين موجب، سعودي عرب، قطر ۽ عمان جي حڪومتن کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو ويو.
پس منظر
صدر ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن مظاهرين کي نقصان پهتو ته آمريڪا سخت فوجي ڪارروائي ڪندو.
ٽرمپ مظاهرين کي حوصلا افزائي ڪندي چيو هو ته ادارن تي ڪنٽرول سنڀاليو، احتجاج جاري رکو، مدد رستي ۾ آهي.
ان بيان کان پوءِ خطي ۾ بيچيني وڌي وئي ۽ خدشو آهي ته آمريڪا ڪنهن به وقت عسڪري قدم کڻي سگهي ٿو.
ايران جو جواب سامهون آيو ته جيڪڏهن آمريڪا حملو ڪيو ته خطي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڊا، تنصيبات ۽ مفادن کي نشانو بڻايو ويندو، جيڪو خاص طور تي خليجي ملڪن لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي، ڇو ته انهن ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڊا ۽ اهلڪار موجود آهن.

