ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سرگودھا ۽ گوادر جي ويجهو ٻن الڳ ٽريفڪ حادثن ۾ مجموعي طور تي 23 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. سرگودھا جي تحصيل ڪوٽ مومن جي علائقي گلهه پور بنگله وٽ شديد ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي جنهن ڪري هڪ مني ٽرڪ ڪنٽرول وڃائي خشڪ نهر ۾ ڪري پئي. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ شروعاتي طور 7 ڄڻا موقعي تي فوت ٿيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي علاج دوران وڌيڪ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. ٽرڪ ۾ ڪُل 23 مسافر سوار هئا جيڪي اسلام آباد کان فيصل آباد جنازي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا. موٽروي بند هجڻ سبب ڊرائيور لوڪل روٽ اختيار ڪيو هو. فوت ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن ۽ سڀئي اسلام آباد جا رهواسي هئا. فوت ٿيلن ۾ مصري خان، حليمه بي بي، ياسين، سونيا بي بي، پٺاني بي بي، هانيه، ايمان فاطمه، راني بي بي، حارث، وسيم، حورين، آمنه، حرم فاطمه ۽ ثقلين شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ حسنين، ثقلين، ظهير، ممتاز، ڪاشف، نديم، شميم، ناديا ۽ پروين شامل آهن.
ٻئي طرف بلوچستان جي ضلعي گوادر جي ويجهو مڪراني ڪوسٽل هاءِ وي تي اورماڙه جي علائقي هڊ ڳوٺ ۾ هڪ تيز رفتار مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 ڄڻا فوت ۽ 15 زخمي ٿيا. پوليس موجب العثمان نالي ڪوچ ڪراچي کان جيواڻي طرف وڃي رهي هئي جيڪا بي قابو ٿي ڪري پئي. حادثي کان پوءِ ريسڪيو ٽيمون فوري طور واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ زخمين کي اورماڙه درمان جاہ اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ابتدائي جاچ ۾ تيز رفتاري کي حادثي جو اهم سبب قرار ڏنو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

