ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن گل پلازه سانحي تي سنڌ حڪومت خلاف احتجاج ڪندي نعرا هنيا ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. اجلاس ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ شهيدن لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي. دعا کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي ڳالهائڻ جي اجازت گهري، جنهن تي سعيد غني چيو ته ڳالهائڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي، جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏنو.
بعد ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن انصاف دو، خون جو حساب دو جا نعرا لڳايا ۽ ايوان مان ٻاهر نڪري ويا. سعيد غني چيو ته معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ مناسب ناهي، اسان جون ڪوتاهيون اجاگر ڪريو پر شور نه ڪريو، گل پلازا واقعي تي سڀ ڳالهائيندا. هن ٻڌايو ته 17 جنوري جي رات ساڍا ڏهه وڳي هڪ دڪان ۾ باهه لڳي جيڪا سڄي پلازه ۾ پکڙجي وئي، 26 فائر ٽينڊرز، 6 اسنارڪل ۽ 33 ايمبولينس آپريشن ۾ شامل ٿيون، هڪ فائرفائٽر فرقان شهيد ٿيو، 70 ماڻهن بابت معلومات ملي آهي جن مان 8 جا لاش مليا ۽ 62 لاپتا آهن.
سعيد غني چيو ته فوت ٿيلن جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ڏنو ويندو ۽ واپارين سان گڏجي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويندو. جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته متاثر خاندانن جي آهون ۽ دانهون اسان جي ڪنن ۾ گونجي رهيون آهن، ڪو به ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي غير قانوني تعميرن جي سرپرستي ۾ ملوث آهي، فائر بريگيڊ وٽ جديد اوزار ۽ ماسڪ نه هئا، حڪمرانن کي استعيفا ڏيڻ گهرجن.
ناصر حسين شاهه چيو ته حڪومت جوڊيشل انڪوائري لاءِ تيار آهي، بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي آهي ته معاملو فوري حل ڪيو وڃي ۽ عمارتن ۾ فائر الارم لڳايا وڃن. بعد ۾ ايم ڪيو ايم ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي ايسٽ خلاف تحريڪ استحقاق جمع ڪرائي، جنهن ۾ الزام هنيو ويو ته ڊي سي ايسٽ نمائندن سان رابطو نه ڪيو ۽ سانحي جي ذميواري ان تي به عائد ٿئي ٿي.

